| زمينن جي رڪارڊ ۾ روينيو عملي جو ڪردار گھٽايو وڃي: آبادگار بورڊ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ روينيو کاتي ۾ گورننس جي کوٽ ۽ نا اهلي سبب ننڍن آبادگارن لاءِ وڌندڙ مسئلن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته زمين جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جلد کان جلد مڪمل ڪري مختلف مرحلن ۾ روينيو جي عملي جو ڪردار گهٽايو وڃي. جڏهن ته آبادگارن سنڌ ۾ سورج مکي جي في ايڪڙ پيداوار ۾ گهٽتائي جي پڻ نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس حيدرآباد ۾ صدر محمود نواز شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيد نديم شاهه، محمد ملوڪ نظاماڻي، محمد اسلم مري، طٰحه ميمڻ، يار محمد لغاري، خالد احمد نظاماڻي، مصطفيٰ نواز شاهه، شاهنواز برماڻي، مراد علي شاهه بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روينيو واري کاتي سان آبادگارن جي مسئلن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته زمين جي رڪارڊ کي سنڀالڻ بورڊ آف روينيو جي ذميواري آهي ان ڪري زراعت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي پر کاتي ۾ نااهلي ۽ گورننس جي کوٽ سبب زراعت تي ان جا ويتر خراب اثر پئجي رهيا آهن. آبادگارن کي زمين جي کاتن جي تبديلي، زرعي قرضن ۽ زمين جي رڪارڊ سان لاڳاپيل مختلف معاملن ۾ مختلف قسمن جي ڏکيائين، رڪاوٽن ۽ ڊگهي طريقي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن سان خاص طور تي ننڍا ۽ وچولي درجي جا آبادگار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. زرعي قرض وٺڻ لاءِ روينيو کاتي مان کسرا وارو دستاويز جنهن سان زمين جي مالڪ ۽ پوکيل فصل جو پتو پوي ٿو ان سميت زمين جا مختلف تصديق ٿيل دستاويز حاصل ڪرڻ ايترو ته ڏکيو آهي جو نه رڳو آبادگارن لاءِ پر بينڪن لاءِ به اهو هڪ پريشان ڪندڙ عمل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي شعبي لاءِ قرضن ۾ سنڌ جو حصو جيڪو 18 سيڪڙو آهي جڏهن ته قومي زراعت ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي اهو پوري ريت حاصل نه پيو ٿي سگهي. ان جو وڏو سبب روينيو کاتي ۾ نا اهلي ۽ ڪرپشن آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويوته زمين جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي.ڪمپيوٽرائيزڊ زمين جو رڪارڊ قانوني طور تي پوري ريت قبول ڪرڻ جوڳو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان جي وڌيڪ تصديق جي ضرورت نه ٿئي.