زمين رڪارڊ ۾ ڦيرڦار خلاف درخواست: محمد بخش مهر کان جواب طلب

زمين رڪارڊ ۾ ڦيرڦار خلاف درخواست: محمد بخش مهر کان جواب طلب

سکر (بيورو رپورٽ) ڊي جي نيب سکر پاران صوبائي وزير محمد بخش مهر خلاف هلندڙ جاچ تحت سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ سرڪاري زمين منجمند ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. عدالت محمد بخش مهر ۽ واسطيدارن کي 14 ڏينهن اندر جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ وڪيل مطابق ڊي جي نيب درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ لينڊ ڪميشن طرفان گهوٽڪي جي خانگڙهه، ميرپورماٿيلو ۽ سکر جي پنوعاقل ۾ مهر ڪيٽل فارم لاءِ ليز تي ڏنل 2 هزار 30 ايڪڙ 26 گهنٽا سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. وڪيل موجب درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي زمين تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. احتساب عدالت سکر جي جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت ڊي جي نيب جي  درخواست تي سردار  محمد بخش مهر، ڊي پٽي ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ واسطيدار کان 14 ڏينهن اندر جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب سکر ۾ اڳوڻي ايم اين اي ۽ هاڻي صوبائي وزير محمد بخش مهر ۽ ٻين خلاف سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ بابت انڪوائري هلندڙ آهي.