زنجيرن ۾جڪڙيل ناري ڪارنهن الزام هيٺ مامن هٿان قتل
مَي 23, 2025
قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾پوليس ڪمانڊو سينٽر ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد منگواڻو ۾ غيرت جي نالي تي ڪارنھن جي مبينا الزام ھيٺ پيُ جي گھر ۾ زنجير سان ٻڌل 20 ورهين جي نوجوان غير شادي شده ناري بي بي لعل خاتون منگواڻو کي جوابدارن پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪيو آھي.
مقتول ناري جي پيءُ بشير منگواڻو ٻڌايو ته منھنجي نياڻي ڪجهه ڏھاڙا اڳ گھران نڪري وئي ھئي، جنھن کي راڄوڻي ڪوششن سان واپس ڪرائي،گهر اندر کيس زنجير ھڻي ٻڌو ويو هو، لعل خاتون جا ماما لکاڏنو مگواڻو، محرم مگواڻو ۽ ماسات مصطفيٰ منگواڻو منهنجي گهڙي نياڻي کي ٻڌل حالت ۾ قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن.
پوليس موجب لاش جي پوسٽ مارٽم بعد فريادي جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، هن واقعي ۾ ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي، جوابدار فرار ٿي ويا آھن.