زندگيءَ ۾ سَمايل ڪائنات- اھا ڳالھ  سَمجھڻ جي ضرورت آھي!…ماريه سليمان سولنگي

                 زندگي رڳو ساھ کڻڻ، چرپر ڪرڻ ۽ وقت گذرڻ جو نالو ئي نہ آھي، پر زندگي قدرت جي طرفان لکيل ھڪ شاندار نظم پڻ آھي، جيڪو وقت جي ھر موڙ تي نئين ڌُن سان ھلندو رھي ٿو. جنهن جي هر سٽ اسان جي اندر جي سچائي، انسان جي حالات، ۽ انسان جي حقيقت بيان ڪري ٿي. اسان جا فيصلا، جذبا، احساسات، ڪردار ۽ ارادا ان شاهڪار ۾ رنگن جو ڪم ڪن ٿا. اها خوشي ۽ غمن جي پاڻ ۾ ڳنڍيل ڌاڳن مان ٺهيل هڪ اهڙي مالا آهي، جنهن جي پيچيدگي سان ئي زندگي جي هر لمحي جو عجيب ئي رخ نظر اچي رهيو آهي.

                 زندگي هڪ گهرو راز آهي، جيڪو هر پل اسان جي سامهون آهستي آهستي کلندو رهي ٿو. منهنجي نظر ۾ زندگي جي سفر جي اصل خوبي ان ۾ آهي ته ان جي ڪا به نقش نگاري ناهي. زندگي جو هر پهلو اسان جي اڳيان عيان ناهي ۽ زندگي هڪ اهڙي اڻڄاتل ڪهاڻي آهي، جنهن جو ايندڙ باب اسان جي اندر جي جستجو کي وڌائي ٿو. ۽ ان ڪهاڻي کان آشنا ٿيڻ لاء انسان اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيترائي قدم ان جستجو سان گڏ کڻندو رهي ٿو، ۽ پوءِ ان ڪهاڻي ۾ ڪو باب غمگين ۽ ڪو وري نهايت ئي حسين آهي. ۽ پوء نه چاهيندي به ان باب کان گذرڻو آهي.

منهنجي نظر ۾ اسين زندگي ۾ صرف مسافر نه آهيون؛ اسين پنهنجي رستي جا خالق آهيون، جيڪي هر موڙ تي پنهنجي تقدير کي نئون موڙ ڏيون ٿا، پنهنجي هر فيصلي جا خودمختيار آهيون ۽ کين پنهنجي مضبوط ۽ پختي ارادي سان وڏيون منزلون حاصل ڪري سگهون ٿا، پوء ان وچ ۾ ڪيترائي لمحا ڏسڻ لاءِ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ ملن ٿا، انهن مان ڪجهه ايندڙ حسين چمڪدار لمحا زندگيءَ جي آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارا آهن. اهي سادي ۽ خالص خوشيون آهن، جيڪي وقت کي ۽ اسان جي هلندڙ حال کي دلڪش بڻائين ٿا. ۽ اهي ئي لمحا اسان جي دل ۾ بي بها خزانا ٺاهين ٿا.

هي اهي موتي آهن، جيڪي اسان جي هٿن ۾ نه پر اسان جي يادگيرين جي صندوق ۾ هميشه لاءِ محفوظ رهن ٿا، ۽ پوءِ ان کان ٻئي پهلو تي اگر حالات اسان جي حق ۾ بهتر نه آهن ته پوء به ان کي پختگي سان عقل ۽ فهم سان منهن ڏيڻو آهي، ۽ منهن ڏيڻ ئي آخري حل آهي، ڇو ته ڪنهن به مسئلي ۽ بري وقت کي اسان پٺي نٿا ڏئي سگهون، اگر ڏيون به ته مشڪل ۽ پريشاني وڌي سگهي ٿي، هٽي نٿي سگهي. ۽ مان سمجهان ٿي ته زندگي ۾ سچي سونهن اڪثر ڪري ٽُٽڻ ۽ وري جوڙڻ مان پيدا ٿئي ٿي. زندگيءَ جو اصل معراج تڏهن حاصل ٿئي ٿو، جڏهن اسين هارائڻ کان پوءِ به همٿ نه هاريون. جڏهن به مشڪل اچي ٿي، تڏهن اسان جي روح جي اندر هڪ اڻ کٽ جوت روشن ٿئي ٿي، ۽ اسان جون صلاحيتون وڌيڪ ظاهر ۽ عيان ٿين ٿيون. ۽ يقين ڪريو اهو ئي ٻيهر اٿڻ، همٿ ڪرڻ ۽ وقت، حالات، مشڪلات ۽ انسانن سان دليري سان منهن ڏيڻ جو عمل، انسان جي عظيم ۽ اٽل وجود جو ثبوت آهي.

همٿ صرف ڪنهن بهادريءَ واري ڪم ۾ ناهي، پر هر ڏينهن صبح جو اٿڻ ۽ زندگيءَ جي هر مرحلي جي منھن ڏيڻ ۾ آهي. همٿ رڳو اها نه آهي ته اسان زندگيءَ ۾ وڏا وڏا ڪم ڪري ڏيکاريون ۽ اسان جو نالو روشن ٿي وڃي، ۽ ماڻهو اسان کي سڃاڻڻ لڳن، پر اها اسان جي روزاني زندگيءَ جي هر عمل هر مرحلي ۾ لڪل آهي. اها نه ئي صرف ڪو وڏو ڪارنامو ڪرڻ ۾ پر ننڍين ذميدارين کي پوري ايمانداريءَ سان نڀائڻ ۾ آهي.

جڏهن اسان پنهنجي ڏينهن جي سادن ڪمن کي پوري توجهه ۽ شڪرگذاريءَ سان ڪريون ٿا، تڏهن ئي زندگيءَ جو گهرو مقصد پاڻمرادو پڌرو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. جنهن کي صرف گهري نظر ئي محسوس ڪري سگهي ٿي.ڪوشش ڪريو ته زندگيءَ جي سفر ۾ اگر ڪو مسافر اوهان سان رستي تي رلجي، ڀلي اهو رشتيدار هجي يا نه، پوء به ان سان تعلقات بهتر رکو، ڇو ته سفر ۾ خبر ناهي ٿي سگهي ٿو ڪڏهن ۽ ڪٿي اوهان کي ڪنهن جي ضرورت پئجي وڃي. اگر اوهان کي ضرورت ناهي، ٿي سگهي ٿو ڪو اوهان کان ڪا اميد رکي ڪري اوهان وٽ اچي. تنھنڪري پنهنجو ڪردار ۽ انداز ۽ رويو اهڙو رکو جو ڪٿي اوهان کي ڪنهن جي اڳيان شرمسار نه ٿيڻو پوي. هي سڀ لاڳاپا ئي زندگيءَ جو مرڪزي راڳ آهن. ۽ اوهان جي همدردي يا اوهان لاءِ ڪنهن جي همدرديءَ جو هڪ ننڍڙو پل به اڪيلائيءَ جي وڏي ديوار کي ڊاهي سگهي ٿو. ڪنهن جي تڪليف محسوس ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن شرط جي مهربانيءَ جو هٿ وڌائڻ ئي انسانيت جو اصل عڪس آهي، ۽ اگر رشتن جي ڳالهه ڪجي ته پوءِ هر رشتو اسان جي روح جي وسعت کي ماپڻ جو هڪ پيمانو آهي. هر رشتي کي نڀائڻ اوهان جي وڏي آزمائش آهي.

انسان هڪ ٻئي جا روشنيءَ وارا آئينا آهن، جيڪي محبت، همدردي، احساس ۽ خلوص جي طاقت سان هڪ ٻئي کي وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿا. منھنجي نظر ۾ ھڪ انسان جي زندگيءَ ۾ سموري ڪائنات جا راز ۽ رنگ سمايل آھن، جيڪڏھن ھن ڳالھ کي سمجھي وٺجي تہ اسان سڀني لاءِ ڌرتيءَ جو ھي گولو جنت بڻجي پوي!