زندگي کي خطرو آهي: پرويز الاهي جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

نومبر 18, 2023

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جسماني رمانڊ خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

 چوڌري پرويز الاهي جسماني رمانڊ ڏيندڙ سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي  آهي

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب طرفان داخل ڪيل ڪيس مان ڊسچارج ڪيو، مئجسٽريٽ جسماني رمانڊ جي استدعا کي رد ڪيو، سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ اپيل ۾ جسماني ريمانڊ جو فيصلو ڏنو

 پي ٽي آءِ جي صدر درخواست ۾ استدعا ڪئي ته جسماني رمانڊ بنيادي حقن جي ابتڙ آهي، جسماني رمانڊ سان جسماني، ذهني تشدد ۽ زندگي کي خطرو آهي، جنهن ڪري سپريم ڪورٽ جسماني رمانڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي

Leave A Comment