شھدادپور (ن پ و) شھدادپور لڳ نينگري زهره ڪنڀر کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار محمد بروهي کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس جي رمانڊ واري درخواست منظور ڪئي وئي
مقصودو رند پوليس وڌيڪ هڪ جوابدار محمد بروهي کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار کان نينگري سان زيادتي ۽ قتل بابت جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
ياد رهي ته نينگري زهرا کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ هڪ جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿيل آهي جنهن ڏوهه قبوليو آهي