شهدادپور(ن پ و)نينگري زهره قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو جنهن بعد کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو
پوليس زهره ڪنڀر کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار قادر بروهي کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو
جوابدار 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڏوھه اعتراف ڪيو، بيان بعد عدالت پاران جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو
جاچ آفيسر انسپيڪٽر عنايت جمالي موجب ڄاڻايل جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ملوث جوابدر گرفتار ڪيا ويندا
عدالتي حڪم تحت جوابدار کي ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ منتقل ڪيو ويو
واضح هجي گرفتار جوابدار قادر بروهي ٽائيم نيوز آڏو واقعي ۾ ساٿي جوابدار محمد بروهي جي ملوث هجڻ بيان پڻ ڏنو هو