اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي پاڻ کي زهر ڏيڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي شوڪت خانم اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي
ايڊووڪيٽ شعيب شاهين ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ بشريٰ بي بي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خوراڪ ۾ هائيڊرو ڪلورڪ ايسڊ جا نشان مليا آهن زهر جي امڪان کي نظر ۾ رکندي منهنجي صحت تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مون کي توشا خانه ۽ عدت ۾ نڪاح جي ڪيسز ۾ گهليو ويو، بني گالا سب جيل منهنجي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي
بشريٰ بي بي عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته عدالت شوڪت خانم يا ڪنهن ٻئي مرضي جي پرائيويٽ اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائڻ جي اجازت ڏئي
درخواست ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي آئين تحت حاصل ڪيل بنيادي حقن کي يقيني بڻايو وڃي، ڌرين کي آئين جي آرٽيڪل 4. 9 ۽ 14 تي سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي
درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب، سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي