زوردار ڌماڪا ٿيا، سڄو شهر لڏي ويو، آواز هر هنڌ گونجيو: صحافي

زوردار ڌماڪا ٿيا، سڄو شهر لڏي ويو، آواز هر هنڌ گونجيو: صحافي

ڪاراڪس: وينزويلا جي راڄڌاني ڪاراڪس ۾ رهندڙ صحافي وينيسا سلوا آمريڪا جي حملن جو اکين ڏٺو شاهد آهي جنهن ٻڌايو ته مون پنهنجي گهر جي دريءَ مان حملن جو لقاءُ ڏٺو، حملي بعد زوردار ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته ڌماڪي جو آواز ايترو زوردار هو جو ان سان منهنجو گهر به لڏي ويو. وينيسا چيو ته ڪاراڪس شهر جبلن جي گهيري ۾ هڪ وادي ۾ واقع آهي، تنهن ڪري آواز سڄي شهر ۾ گونجي رهيو هو. منهنجي دل تيزي سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ منهنجا پير به لڏي  ويا. مون کي ڊپ هو ته ڌماڪا تمام ويجهو ٿيو آهي هن چيو ته شهر ۾ هاڻي خاموشي آهي پر ماڻهو هڪ ٻئي کي پيغام موڪلي خيريت معلوم ڪري رهيا آهن. منهنجي هڪ مائٽ ٻڌايو ته هن آسمان مان ڪجهه ڪرندي ڏٺو ۽ ڏهه سيڪنڊن کان پوءِ هڪ زوردار ڌماڪو ٻڌو.