زيادتيون بند ڪريو: قمبر ۾ شهري سيپڪو خلاف رستن تي نڪري آيا، ڌرڻو

آڪٽوبر 11, 2023

قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي واپاري تنظيمن ۽ سوين شھرين ڪرڪيٽ گرائونڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري سيپڪو انجنيئر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي

 ان موقعي تي نذير احمد تنيو، محمد علي هڪڙو، سيد ذوالفقار شاهه، سراج چانڊيو، سيد مجاهد حسين، شوڪت چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سيپڪو طرفان بجلي چورن خلاف ڪارروائي بدران بجلي جي هٿرادو 12 کان 18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪري شھرين کي تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي

 هنن چيو ته سيپڪو عملدارن شھر جي اڪثر محلن جي بجلي 15 ڏينهن کان مڪمل بند ڪري ڇڏي آھي، جنهن سبب شھر جي اڌ آبادي بجلي کان محروم آهي

هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي

 سيپڪو عملدارن ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪٽيل بجلي بحال ڪرڻ سميت ٻيا جائز مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو

Leave A Comment