زيادتي بعد فوت ٿيل نازيا چنا سان انصاف لاءِ سڀاڻي حيدرآباد ۾ بک هڙتال

سيپٽمبر 26, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، مرڪزي سينيئر نائب صدر عمره سمون

 سنڌو فاطمه ۽ مروبت هاليپوٽو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته نازيا چنا جو موت ناڪاره حڪومتي نظام هجڻ جو هڪ ثبوت آهي

نازيا چنا سان گينگ ريپ ڪندڙن ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان اڄ 27 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ بک ھڙتال ڪئي ويندي

هنن چيو ته هر قسم جي ڏوھ ۾ ملوث جوابدارن کي رياست جي پٺڀرائي هئڻ ڪري ڏينهون ڏينهن ڏوهه ۽ بدمعاشيون وڌنديون پيون وڃن ۽ نياڻين جي عزت محفوظ ناهي رهي. وارهه ۾ مهينو اڳ 5 وحشين نازيا چنا سان گينگ ريپ ڪيو پر حڪومتي نظام کان ويندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تائين ڪنهن به ڪو تحرڪ نه ورتو

 اها سڌي سنئين وحشين جي رياست طرفان پٺڀرائي آهي. ساڳئي ملڪ ۾ جيڪڏھن ڪو بک جو ستايل ٻارڙو ڪنهن دڪان تان هڪ ڊبل روٽي چورائيندي پڪڙجي پوي ٿو ته سڄي رياستي مشينري تحرڪ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ اهو ٻارڙو هڪ ڪلاڪ اندر لاڪپ به ڪيو وڃي ٿو

 پر هتي هڪ 13 سالن جي نياڻي سان گينگ ريپ جو ڪو داد فرياد، ڪا تحقيق، ڪو نوٽيس نٿو ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته نازيا چنا جي ريپسٽ قاتلن ۽ انھن جي سرپرست سردارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ سان گڏ انھن پوليس آفيسرن کي به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي جن قاتلن جي سرپرستي ڪئي آهي

Leave A Comment