زيادتي جو شڪار ٻار جي رازداري، 24 ڪلاڪن اندر طبي معائنو، ڏوهه ناقابل ضمانت، بل منظور

زيادتي جو شڪار ٻار جي رازداري، 24 ڪلاڪن اندر طبي معائنو، ڏوهه ناقابل ضمانت، بل منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مختلف بل پيش، ٻه منظور، هڪ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ ڪتابن تي پلاسٽڪ جا ڪور چاڙهڻ تي مڪمل پابندي لاڳو، خلاف ورزي ڪندڙن تي ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا. قومي اسيمبليءَ مان اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (ڪتابن جي پلاسٽڪ ڪور تي پابندي) ايڪٽ 2026 منظور ڪري ڪيو ويو. بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي حدن اندر ڪو به پلاسٽڪ ڪور وارو ڪتاب وڪرو نه ڪري سگهبو، ڀڃڪڙي تي 50 هزار رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، ٻيهر  ڀڃڪڙي تي ڏنڊ وڌائي هڪ لک رپيا تائين ڪيو ويندو. بل جو بنيادي مقصد تعليمي ادارن ۽ اسڪولن ۾ ڪتابن تي پلاسٽڪ چاڙهڻ واري رجحان جو خاتمو آڻڻ آهي. هي بل اڳ سينيٽ مان منظور ٿي چڪو آهي. جيڪو پ پ ميمبر سيد نويد قمر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.فحش ڪتابن، مواد ۽ فحش شين جي وڪري ۽ نمائش بابت سزائن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ ضابطه فوجداري ۾ ترميمن وارو بل به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. قانون ۾ سيڪشن 292، 293، 294 ۽ شيڊول 2 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون. فحش ڪتابن، ڊرائنگ، پينٽنگ، تصويرن ۽ مجسمن جي وڪري ۽ نمائش تي سزائن ۾ اضافي جي تجويز ڏني وئي. سزا 3 مهينن کان وڌائي 2 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.بل موجب اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي قيد سان گڏ 2 لک رپين تائين ڏنڊ پڻ ٿيندو. فحش مواد درآمد، برآمد يا منتقل ڪرڻ تي به 2 سال قيد جي تجويز ڏني وئي. فحش مواد حاصل ڪرڻ لاءِ اشتهار ڏيڻ تي به 2 سال قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ تجويز ڪيو ويو آهي.20 سالن کان گهٽ عمر جي فرد کي فحش مواد وڪڻڻ، ڪرائي تي ڏيڻ، ورهائڻ يا ڏيکارڻ تي 2 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ تجويز ڪيو ويو آهي.عوامي هنڌن تي فحش حرڪتون ڪرڻ، فحش گانا ڳائڻ يا فحش لفظ ادا ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ تجويز ڪيو ويو.بل سينيٽ جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي اسٽيڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي مان زنا بالجبر ترميمي بل 2026 منظور ٿي ويو. بل جي متن مطابق پوليس جنسي زيادتي جو شڪار ٻار جو 24 ڪلاڪن اندر طبي معائنو يقيني بڻائيندي. طبي معائني دوران متاثر ٻار جي وقار، تحفظ ۽ رازداري کي برقرار رکيو ويندو. متاثر ٻار جو معائنو مستند فرانزڪ ماهر کان ڪرايو ويندو. طبي معائني دوران حاصل ٿيل فرانزڪ شاهدي کي جاچ جو حصو بڻايو ويندو. جنسي يا جسماني زيادتي يا ٻارن جي استحصال جا ڏوهه ناقابل ضمانت هوندا. بل موجب اهڙن ڪيسن ۾ ڪنهن به عدالت کي آساني سان ضمانت ڏيڻ جو اختيار نه هوندو. غيرمعمولي حالتن ۾ عدالت متاثر ٻار جي بهترين مفاد کي نظر ۾ رکندي. عدالت ضمانت ڏيڻ کان اڳ متاثر ٻار کي جوابدار طرفان نقصان پهچائڻ يا ڌمڪيون ڏيڻ جي امڪانن جو تفصيلي جائزو وٺندي. عدالت ٻار جي حفاظت ۽ ڀلائي جو محتاط جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي ضمانت ڏئي سگهندي.