زيادتي شڪار عورتن جي سڃاڻپ لڪايو: هاءَ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

زيادتي شڪار عورتن جي سڃاڻپ لڪايو: هاءَ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زيادتي جو شڪار عورتن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ خلاف سنڌ هاءَ ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪرائي آهي، عدالت پاران ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، ايڊووڪيٽ صفيه لاکو طرفان ريپ، جنسي تشدد، غيرت جي نالي تي قتل ۽ عورتن خلاف ٻين سنگين ڏوهن جي متاثرن جي سڃاڻپ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ظاهر ڪرڻ خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي, درخواست ۾ وفاقي سرڪار، سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري، سائبر ڪرائيم ونگ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کي ڌر  بڻايو ويو آهي.