| زيادتي ڪيس راضپي سان زنا ڪيس ۾ تبديل: 20 سال قيد به ختم: جسٽس صلاح پنهور جو اختلاف |
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ زيادتي ڪيس کي راضپي سان زنا ڪيس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جوابدار جي 20 سال قيد واري سزا به ختم ڪري 5 سال ڪئي وئي، جسٽس صلاح الدين پنهور اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو. فيصلي ۾ سندس اختلافي نوٽ به شامل ڪيو ويو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ زيادتي جي هڪ ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي زيادتي جي سزا کي ختم ڪري ڪيس راضپي سان زنا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جسٽس ملڪ شهزاد خان طرفان لکيل 6 صفحن واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کي ڪيئن خبر پئي ته نينگري صبح سوير ساڍي 5 وڳي جهنگ ۾ ايندي، انڪري زيادتي نه رضا خوشي سان زنا ڪيس ٺهي ٿو، فيصلي موجب ايف آءِ آر 7 مهينن بعد داخل ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي دوران نينگري مزاحمت به نه ڪئي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ تشدد ظاهر نه ٿيو، متاثر خاندان طرفان نينگري جا ڪپڙا به پيش نه ڪيا ويا. فيصلي ۾ چيو ويو ته واقعو ڳوٺ ڀرسان پيش اچڻ باوجود رڙيون نه ڪيون ويون، ڪير مدد لاءِ نه پهتو، جيڪڏهن معاملو راضپي سان زنا ثابت ٿيو ته نينگري کي به سزا ٿي سگهي ٿي . فيصلي موجب متاثر نينگري جي بيان ۽ ميڊيڪل ثبوت مان جنسي لاڳاپا قائم هجڻ ثابت ٿئي ٿو، انڪري زيادتي کي قبول نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ جوابدار جي 20 سال قيد واري سزا گهٽائي راضپي سان زنا ڪيس ۾ جوابدار جي سزا 5 سال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بينچ ۾ شامل جسٽس صلاح الدين پنهور اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو. هن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته اسان جي سماج ۾ زيادتي جا اڪثر ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين،متاثر عورتون دٻاءُ ۽ بدنامي جي ڊپ کان خاموش رهن ٿيون. جيڪڏهن جوابدار وٽ هٿيار هجي ته مزاحمت نه ڪرڻ فطري آهي،7 مهينن بعد طبي معائني ۾ تشدد جا نشان ظاهر نه ٿيڻ غير معمولي ناهي. هن لکيو ته رڪارڊ تي ڌمڪين جا ثبوت موجود آهن، انڪري ايف آءِ آر ۾ دير ان خلاف استعمال نٿي ڪري سگهجي، هي ريپ ڪيس آهي انڪري جوابدار جي سزا گهٽائي نٿي سگهجي.