زين شاهه، نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانديو سميت 25 ڄڻن تي ڪيس داخل

زين شاهه، نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانديو سميت 25 ڄڻن تي ڪيس داخل

سن(ن پ ا) سن ٿاڻي تي زين شاھه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانڊيو سميت 25 کان مٿي ڪارڪنن ۽ شھرين تي روڊ بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيد زين شاھه، رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سيد آصف شاھه، خورشيد عالم ميمڻ، عنايت الله شاھاڻي، شھمير خاصخيلي،  عطاءِ الله شاھاڻي، زاھد ملاح، عبداللطيف پنھور، بابل لطيف کوسو،  ستار سومرو، ديوان اميت ڪمار ۽ ٻيا انڊس ھاءِ وي روڊ بند ڪري ملڪ خلاف نعري بازي ڪري رھيا ھئا، جن کي اسان روڊ تان ھٽائي روڊ کولرائي ٽريفڪ بحال ڪرائي. ٻئي طرف  ايس يوپي جي مرڪزي نائب صدر سيد منير حيدر شاھه ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ايس ايس پي ڄامشورو ضلعي ۾ سرعام ھلندڙ منشات بند نٿو ڪرائي سگھي، باقي اسان جي پارٽي صدر ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙيون ايف آرون داخل ڪري 27 ترميم خلاف ھلندڙ جدوجھد کي روڪي نٿو سگھجي، اھا ايف آءِ آر سندن ڳچي ۾ پوندي اسان کي ان ايف آءِ آر جو ڪو فرڪ نٿو پوي.