زين شاهه جي پٽ جي راشدي خاندان ۾ مڱڻي : اڳوڻو وڏو وزير مراد شاهه به شريڪ

آگسٽ 22, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي جي صدر سيد زين شاھه جي پٽ مجيب مرتضي جي مڱڻي سعيدآباد جي راشدي خاندان ۾ ٿي

سعيد آباد واسي ڊاڪٽر جھانگير راشدي جي ڌيءُ سان مجيب مرتضي جي مڱڻي ٿي وئي ، مڱڻي جي تقريب ۾ اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه، مسلم ليگ ن جو صدر  شاهه محمد شاھه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه  ايس يو پي سربراھه سيد جلال محمود شاھه کان سندس طبيعت معلوم ڪئي ۽ ڪچھري پڻ ڪئي

Leave A Comment