| زڪوات کاتي کي ڊيپوٽيشني گل حسن کي وفاق موڪلڻ جو حڪم |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جون سفارشون رد ڪندي زڪوات کاتي ۾ مقرر ٿيل تعليم واري وفاقي وزارت جي ملازم کي فوري طور تي رليو ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو، ان ڏس ۾ سنڌ زڪوات کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل تعليم واري وفاقي وزارت جي 16هين گريڊ جي ملازم گُل حسن چوهاڻ جي ڊيپوٽيشن جي مُدي ۾ واڌ لاءِ سنڌ حڪومت پاران وفاقي سرڪار کي بار بار خط لکي سفارشون ڪرڻ باوجود لاڳاپيل وزارت ڄاڻايل ملازم جي ڊيپوٽيشن واري مُدي ۾ واڌ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سنڌ جي سروسز کاتي زڪوات واري سيڪريٽري کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته ڊيپوٽيشن تي مقرر ملازم گُل حسن چوهاڻ کي واپس وفاق ۾ اماڻيو وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار اعتراض واريو آهي ته ڊيپوٽيشن وارو ٽن سالن جو مُدو مڪمل ٿيڻ کان گھٽ ۾ گھٽ 6 مهينا اڳ درخواست ڏني وڃي ها، ڄاڻايل ملازم جو ڊيپوٽيشن مُدو مڪمل ٿيڻ بعد مُدي ۾ واڌ واري سفارش قبول ناهي. واضح رهي ته گل حسن سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن تي اچڻ بعد زڪوات کاتي ۾ اهم عهدن تي مقرر رهيو آهي، هن وقت کيس ٻن درگاهن جي مينيجر واري ذميواري مليل آهي.