زڪوات کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ پگهارن جي مد ۾ڏيڍ ڪروڙن جو اسڪينڊل: اڪائونٽنٽ معطل
آگسٽ 9, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) زڪوات ۽ اوقاف کاتي ۾ مالي سال 2016_17ع دوران 4 آفيسرن جي غيرقانوني ڀرتين ۽ 23 آفيسرن ۽ ملازمن کي غيرقانوني پگھارون ۽ مراعتون ڏيڻ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک رپين جي بيضابطگين جو اسڪينڊل ظاهر، کاتي پاران 28 لک رپين جي بيضابطگين جو آڊٽ پيراز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ کان انڪار، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران زڪوات کاتي جي اڪائونٽنٽ کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم، صوبائي سيڪريٽري کي بي ضابطگين، غيرقانوني ڀرتين ۽ مراعتون ڏيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي ٻن هفتن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ زڪوات کاتي جي مالي سال 2016ع کان 2018ع تائين ٽن سالن جي 19 آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کاتي جي آڊٽ پيرا 3.4.1 هيٺ درگاهه قلندر لعل شهباز ۽ درگاھه ڀٽائي گهوٽ جي عرس جي تقريبن ۾ نان رجسٽرڊ سپلائرز کان مختلف شين جي فراهمي ۽ حيسڪو بلن سميت مختلف مد ۾ 28 لک رپين جي بيضابطگين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته ايترا سال گذرڻ باوجود کاتي جو اڪائونٽنٽ رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو آهي؟ ڪاميٽي زڪوات کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اڪائونٽنٽ کي معطل ڪري رپورٽ ڏني وڃي. اجلاس دوران آڊٽ پيرا 3.4.2 ۾ انڪشاف ٿيو ته اوقاف جي تڏهوڪي چيف ايڊمنسٽريٽر خزاني واري کاتي ۽ مجاز اٿارٽيز جي منظوريءَ بنا 18 هين گريڊ جي هڪ ۽ 17 هين گريڊ جون 3 پوسٽون پنهنجي صوابديد تي پيدا ڪيون،انهن غيرقانوني پوسٽن تي مقرر 4 آفيسر پگهارن جي مد ۾ 55 لک رپيا کڻندا رهيا، جڏهن ته 11 گريڊ جي 5 آفيس اسسٽنٽن کي 16 هين گريڊ جي مينيجر اوقاف جي پوسٽ تي ايڊجسٽ ڪيو ويو، جنهن سان سرڪاري خزاني کي 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، 14 کان مٿئين گريڊ جا آفيسر هيٺين گريڊ جي ملازمن جون به پگهارون کڻندا رهيا، جنهن سان سرڪاري خزاني کي 83 لک رپين جو نقصان پهتو آهي. مجموعي طور تي آفيسرن ۽ ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک رپين جون بيقاعدگيون ظاهر ٿيون آهن. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته مختلف کاتن جون 2008ع کان 200 جي لڳ ڀڳ آڊٽ پيراز رولڙي جو شڪار آهن، انهي ڪري پي اي اسي جا هفتي ۾ 3 ڏينهن اجلاس ٿيندا، اسان هر کاتي کان 5 سالن جو حساب گهريو آهي، في الحال کاتا 3 سالن جو رڪارڊ فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪنهن به کاتي بابت اجلاس طئه ٿيل شيڊيول تي ٿيندو، جنهن کي ملتوي نه ڪنداسين
جوتن، گُلن ۽ صفائي وارن ٺيڪيدارن تي پوڻا 8 ڪروڙ رهيل
ڪراچي: سنڌ جي مختلف درگاهن ۾ جوتن، گُلن ۽ صفائي سٿرائي وارن ٺيڪن ۾ به ٺيڪيدارن کان 7 ڪروڙ 70 لک رپين جي ادائگي نه ٿي سگھي، پي اي سي اوقاف کاتي کان سال 2024ع تائين 0نل ٺيڪن جو رڪارڊ گھرائي ورتو . ڪالهه اجلاس ۾ آڊٽ پيرا 3.4.8 جو جائزو وٺڻ دوران معاملو سامهون آيو ته سنڌ جي مختلف درگاهن تي جاري ڪيل ٺيڪن جا ِ ٺيڪيدارن کان 7 ڪروڙ 70 لک وصول ناهن ڪيا ويا . اهڙو معاملو سامهون اچڻ بعد پي اي سي اختيارين زڪوات سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سال 2024ع تائين سنڌ جي سمورين درگاهن جي ٺيڪن جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي
اوقاف کاتي جي 18 هزار ايڪڙ زمين ليز : ٽيڪسن جي مد ۾ 23 ڪروڙن جو نقصان
ڪراچي: سجاول، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو ڄام سميت مختلف ضلعن ۾ اوقاف کاتي جي 18 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين مختلف ماڻهن کي ليز ڪرڻ سان ٽيڪسن ۽ اسٽامپ ڊيوٽي جي مد ۾ سرڪاري خزاني کي 23 لک رپين جو نقصان پهتو، ان حوالي سان پي اي سي اختيارين اوقاف کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو رڪارڊ 13 آگسٽ تائين پي اي سي وٽ جمع ڪرايو وڃي