| سئوٽ سان شادي تي پابندي: ڪيلاش شادي بل منظور |
پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا اسيمبلي ڪيلاش شادي بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل جي متن موجب ڪيلاش قبيلي ۾ شادي گڏيل رضامندي سان ٿيندي، ذهني صحت، گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال ۽ پابندي پيل رشتن ۾ شادي کان پاسو ڪرڻ لازمي هوندو. ڪيلاش برادري ۾ سئوٽ سان شادي تي پابندي هوندي، ڪيلاش شادي جي رجسٽريشن مقامي رجسٽرار ذريعي لازمي هوندي. بل جي متن موجب شادي ۽ طلاق جو رڪارڊ سرڪاري آفيسن ۾ رکيو ويندو، طلاق ۽ شادي جو خاتمو ڪيلاش روايتن مطابق ٿيندو. مڙس جي موت تي ملڪيت جا حق روايتي نظام موجب هوندا، خلاف ورزي، غلط معلومات ۽ غير رجسٽريشن تي سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو. ياد رهي ته اپريل ۾ صوبائي وزير مقامي حڪومت مينا خان آفريدي اسيمبلي ۾ ڪيلاش شادي بل 2026 پيش ڪيو هو.