سئو ساله ڪسينجر جي چيني ياترا جا ڪهڙا سبب آهن؟

جُولاءِ 25, 2023

 18 جولاءِ 2023ع تي سابق آمريڪي خارجه جو سيڪريٽري، هينري ڪسينجر چين جو دورو ڪري، واپس آمريڪا پهچي ويو آهي پر هُن جي دوري ڪافي دانشورن جي ذهانت کي جاڳائي وڌو آهي. آخر آمريڪا ۾ اهڙي ڪهڙي مصيبت آئي هئي، جو سئو ساله پوڙهي کي جهاز ۾ چڙهي چين اچڻو پيو هو؟ ڇا اها ٽريڪ ٽُو ڊپلوميسي آهي، جنهن سان آمريڪا اُهي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪي هو آمريڪي عهديدارن ۽ مشيرن جي ذريعي نه ٿو وٺي سگهي؟ ان دوري سان سئو ساله پوڙهي چيني ياترا جي سينچري به مڪمل ڪئي آهي.

                 ڪسينجر جي ياترا کان ڪجهه عرصو پهرين، آمريڪي دفاعي سيڪريٽري آسٽن پنهنجي هم منصب چيني سان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هُن صاحب ڳالهائڻ کان نه رڳو انڪار ڪري ڇڏيو هو پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم هاٽ لائين کي ئي بند ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي کان پوءِ آمريڪي وزيرن ۽ مشيرن جي چيني دورن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي، سو ختم ٿيڻ جي ڳالهه ئي نه ٿو ڪري. پهريون دورو خارجه سيڪريٽري بلنڪن ڪيو هو. اهو دورو چار ڏينهن جي لاءِ طئه  ٿيل هو پر خبر نه آهي ته چيني اڳواڻن هُن کي ڇا چيو، جو هو ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي پنهنجو دورو اڌ ۾ ڇڏي آمريڪا واپس موٽي آيو هو. هن جي موٽي اچڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ آمريڪي خزاني جيِ سيڪريٽري جينيٽ ييلن، جنهن کي اعتدال پسند سمجهيو ويندو آهي، چين اچي پهتي هئي. هُن جو چين اچڻ ڪافي ماڻهن جي لاءِ حيران ڪندڙ هو. ان کان پوءِ بائيڊن جو ‘ماحوليات’ جو خصوصي مشير ڪيري چين گهمي موٽي ويو هو. آمريڪي عهديدارن جي انهن لڳاتار دورن آمريڪي دانشورن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته آخر اها ڪهڙي مجبوري آهي جو هُو بار بار چين پيا وڃن ۽ ڪو چيني انهن جي حاضري ڀرڻ نه ٿو اچي؟ ڪافي ماڻهن جي خيال ۾ اها آمريڪا جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ان سان چين کي دنيا ۾ پنهنجو اميج بهتر ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

چين، ڪسينجر جي دوري جو پورو سياسي فائدو وٺي رهيو آهي، جتي ڪسينجر  جو تمام شاندار استقبال ڪيو ويو هو. هُن اتان جي اهم عهديدارن ۽ وزيرن سان ملاقات ڪرڻ کان علاوه چيني چيف آف ڊفينس سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن تي آمريڪا پابندي لڳائي آهي. پر هُن جي سڀ کان اهم ملاقات چيني صدر شي جن پنگ سان هئي، جنهن پاڻ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ هُن جي آجيان ڪئي ۽ هُن جي مان ۾ سرڪاري دعوت رکي هئي. ان ميٽنگ جي لاءِ ان گيسٽ هائوس کي چونڊيو ويو هو، جنهن ۾ 52 سال پهرين ڪسينجر پنهنجي خفيه دوري ۾ قيام ڪيو هو ۽ دعوت جو مينو به اهو ئي رکيو ويو هو، جيڪو 52 سال پهرين خفيه دعوت ۾ هو. 52 سال پهرين جيڪي ماڻهو خفيه ڳالهين ۾ شريڪ هئا ۽ اڃان زنده آهن، تن کي به ان موقعي تي مدعو ڪيو ويو هو. اهو سڀ اهڃاڻي هو پر اصل ڳالهه ڪسينجر جا چيل اهي جملا آهن، جيڪي آمريڪي اسٽبلشمينٽ جي پاليسي سان متضاد آهن. بقول ڪسينجر جي، “آئون چين جو دوست آهيان. آمريڪا ۽ نه وري چين هڪ ٻئي جي مخالفت برداشت ڪري سگهن ٿا. ٻنهي جي دوستي عالمي امن ۽ سماجي ترقي جي لاءِ اهم آهي”. ان خير سگالي جي جواب ۾ چيني صدر جو چوڻ هو ته، “مونکي ڪسينجر سان ملي خوشي ٿي آهي… اسان تنهنجي ڊگهي عمر جي دعا گهرون ٿا. چيني ۾ چوڻي آهي ته ڏاهپ وڏي عمر سان ايندي آهي…. چيني پنهنجي پراڻن دوستن کي نه وساريندا آهن ۽ چين- آمريڪا تعلقات ۽ دوستي ۾ تنهنجي تاريخي ڪردار کي اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين”.

ڪسينجر جي چيني دوري تي آمريڪي اسٽبلشمينٽ جو چوڻ آهي ته هو هڪ آزاد شهري جي حيثيت ۾ چين ويو هو، جنهن سان سرڪار جو ڪو به تعلق نه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ‘سچ’ هجي. پر اهو ‘سچ’ آمريڪا جي اندر چين جي حوالي سان اختلافن جو اندازو ڏي ٿو. ڪسينجر جي پويان اهو سرمائيدار آهي، جيڪو چين سان واپار ڪري ٿو يا چين ۾ ڪارخانا هلائي ٿو. اهو ڌڙو آمريڪي اسٽبلشمينٽ جي موقف سان متفق نه آهي.  ڪسينجر کان پهرين ٻن اهم آمريڪي سرمائيدارن، بل گيٽس ۽ ايلان مسڪ جا چيني دورا ان خيال کي هٿي ڏين ٿا. هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته آمريڪا جي اندر چين مخالف مهم کي روڪجي، جتي جي ميڊيا ڏينهن رات چين جي خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي.

چين سان ٽڪراءَ جي حمايت ۾ ٻه گروپ اهم آهن. هڪڙو اهو سرمائيدار، جيڪو آمريڪا ۾ پنهنجي انڊسٽري هلائي ٿو، جنهن ۾ ملٽري انڊسٽريل ڪَملپيڪس ۽ سويلين سيٺ شامل آهن ۽ ٻيو گروپ آمريڪي مڊل ڪلاس آهي، جيڪي چين کان انڊسٽري واپس آمريڪا اچڻ جي امڪان تي خوش ٿي رهيا آهن. مائيڪل پِلسبري، سابق آمريڪي آفيسر آهي، جيڪو پينٽاگان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هاڻي هو هڊسن انسٽيٽيوٽ جي لاءِ ڪم ڪري ٿو. هي اهو ادارو آهي، جنهن ۾ حسين حقاني ۽ ٻيا پاڪستاني ‘دانشور’ روزگار سان لڳل آهن. ڪافي ماڻهن جي خيال ۾ اهو ادارو آمريڪي اسٽبلشمينٽ جي ويجهو آهي. مائيڪل پنج سال پهرين “سئو ساله ڊوڙ” جي نالي سان ڪتاب ۾ لکيو هو ته، “2049ع ۾ چين آمريڪا جي جڳهه تي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي ويندو”. ڪجهه مهينا پهرين   هڪ پروگرام ۾ چين جي حوالي سان هن کان ڪتاب ۾ ڏنل اندازن تي سوال ڪيو ويو ۽ پڇيو ويو هو ته، “ڇا توهان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيو؟” ان سوال جي جواب ۾ هُن جو چوڻ هو ته، “منهنجي خيال ۾ چين منهنجي ڏنل وقت کان پهرين ئي آمريڪا کي پوئتي ڇڏي ويندو”. پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي دليلن ۾ هُن جو چوڻ هو ته، “چين سُپر سونڪ ميزائل ٺاهيا آهن، جيڪي دنيا جي گول دائري ۾ گهمي سگهن ٿا. اسان وٽ اها صلاحيت نه آهي. اسان کي يقين هو ته چين به اها منزل نه ٿو ماڻي سگهي پر اسين غلط هئاسين. هو چنڊ جي ٻئي پاسي تي پهچي ويا آهن ۽ اسان اهو نه ٿا ڪري سگهون. بايو ٽيڪنڪ جي شعبن ۾ چين اسان کي پوئتي ڇڏي ويو آهي…. مون ٻن شين جو غلط اندازو لڳايو هو. هڪ چين جي ترقي ۽ ٻيو اهو ته مون سمجهيو هو ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جو اهڙو اتحاد ٺهندو، جيڪو چين جي ترقي کي روڪيندو پر آئون غلط هوس”. مائيڪل ان سوڳ ۾ اڪيلو نه آهي. هاڻي مغربي ميڊيا ۽ مفڪرن کي پنهنجي “خيال فروشي” جو خوب موقعو مليو آهي.

ڊچ ۽ انگريز  سامراجن جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ڪرنسي ۽ ان سان جڙيل قرض جو نظام عمومن 50 کان 75 سالن تائين هلندو آهي. آمريڪي ڊالر جي ‘ڊامينينس’ جو دور سن 1944ع ۾خفيه طور آمريڪي رياست نيو هيمپشائر جي شهر بريٽن وُڊس ۾ ٺهيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٻي عالمي جنگ ختم ٿي وئي هئي ۽ برطانوي سامراج آمريڪا جو قرضي ٿي چڪو هو. هن وٽ قرض واپس ڪرڻ جي سگهه ڪانه هئي. آمريڪا ان موقعي جو فائدو وٺي پائونڊ جي جڳهه تي ڊالر کي دنيا جي ڪاروبار جي لاءِ اڪيلي ڪرنسي طور پنهنجي طاقت سان قبول ڪرايو هو. هاڻي اهو دور پنهنجي آخري مرحلي ۾ پهتو آهي. چين پنهنجي معاشي ۽ سياسي طاقت سان ڊالر جي جڳهه تي پنهنجي ڪرنسي لاڳو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين ڪئناڊا جي ٽي. ڊي. بئنڪ هڪ اسٽريٽجڪ پيپر جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي ڊالر جي حوالي سان اهم ڳالهيون لکيون ويون آهن. مثال طور ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڏهه سال پهرين چين پنهنجي عالمي تجارت سئو سيڪڙو آمريڪي ڊالر ۾ ڪندو هو ۽ هاڻي اها گهٽجي ستر سيڪڙي تي پهتي آهي. هاڻي هُو  ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽ روس سان پنهنجي ڪرنسي ۾ تجارت ڪري ٿو، جنهن سان آهستي آهستي دنيا ۾ آمريڪي ڊالر جي اهميت گهٽجي رهي آهي. روس، چين، انڊيا، تُرڪي ۽ ٻيا ملڪ گڏجي “برڪس” ڪرنسي تي ڪم ڪري رهيا آهن. سعودي ۽ ٻيا عرب ملڪ به هاڻي ڊالر کان سواءِ ٻي ڪرنسي ۾ ڪاروبار ڪن ٿا، جيڪو اڄ کان پنج سال پهرين سوچ کان ئي ٻاهر هو.

چين ۽ آمريڪا ٻئي پنهنجي پنهنجي مخالفن جي اندروني ۽ بيروني تضادن مان فائدو وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. آمريڪا جي هڪڙي ڪمزوري، جنهن چين کي سٺو موقعو فراهم ڪيو آهي، سو آهي ڪيوبا، جيڪو مسڪين بي پناهه آمريڪي جارحيت جو شڪار رهيو آهي. ڪيوبا آمريڪا جي سامهون صرف ستر ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دنيا جي لاءِ روشني جي مينار طور بيٺو رهيو آهي ۽ باوجود آمريڪي سرمائيدارن ۽ ان جي پويان ميگا جنگي مشن جي، هو اڃان تائين مقابلو ڪري رهيو آهي. ڪجهه اندازن موجب چيني اتي پهچي ويا آهن ۽ روس به اتي پنهنجا پراڻا رشتا بحال ڪري رهيو آهي. ڪيوبا جو چين کي ممڪنه فوجي اڏا ڏيڻ، آمريڪي خارجه پاليسي ۽ منرو ڊاڪٽرائين جي شڪست سان گڏ هڪ اهڙو خطرو آهي، جيڪو انهن جي لاءِ ناقابلِ برداشت آهي.

Leave A Comment