ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن ڳالھيون يورپ جي ان ملڪ ۾ ٿي رھيون آھن، جنھن جو نالو سئٽرزلينڊ آھي. جرمني، فرانس، اٽلي ۽ آسٽريا جي وچ ۾ آباد ان ملڪ مٿان آلپس نامي يورپ جي برف پوش ۽ خوبصورت پھاڙن جو پسمنظر ايترو ته حسناڪ آھي جو ڪنھن به سائي گاھ سان سٿيل ٿڌڙي ماڳ جي تعريف ڪئي ويندي آھي ته ان کي سئٽزرلينڊ سڏيو ويندو آھي. سئٽزرلينڊ صرف پنھنجن قدرتي منظرن جي حوالي سان دنيا ۾ ھاڪ نه ٿو رکي، ڇو ته پاڪستان جي گلگت ۽ بلتستان جون پھاڙي واديون به گھٽ سھڻيون ناھن پر انھن ماڳن تي بک ۽ ڏک درد جا ديرا قائم ڪري رکيا آھن، جڏھن ته سئٽزرلينڊ ۾ صرف سفيد ۽ سايون ڍنڍون ۽ اوچا اتانھان شفاف آبشار ناھن پر عالمي مالي ادارا ۽ سرمائي سان سٿيل بينڪون ۽ مٿان گڏيل قومن جا دفتر ان ماڳ کي دنيا ۾ اھا مشھوري عطا ڪن ٿا، جنھن جي موھ ۾ سياحن جا جھنڊ ھر وقت موجود رھن ٿا. ھونءَ ته آلپس پھاڙ سونھن جا نه کٽندڙ سلسلا سمجھيا وڃن ٿا پر سئٽزرلينڊ ته وري به سئٽزرلينڊ آھي. ۽ سئٽزرلينڊ جو جڳ مشھور شھر جنيوا ته پنھنجي تاريخي پسمنظر ۾ عالمي سفارتڪاريءَ جو ماڳ سمجھيو ويندو آھي. اھوئي سبب آھي ته ٻين مھاڀاري جنگ کان پوءِ ويٽنام، لائوس ۽ ڪمپوڊيا جا معاملا ان شھر ۾ نبيريا ويا ھئا. ھي اھوئي شھر آھي، جنھن ۾ سرد جنگ دوران سابق سوويت يونين آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا سان ايٽمي معاملن جا طويل مذڪرات ڪيا ھئا. ھي اھو دؤر ھو، جنھن دؤر ۾ ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ آيل ھو ۽ ان دؤر جي سنڌي شاعريءَ ۾ اھڙا ٻول به ٻرندا ھئا ته:
”تون ته پڇين ٿي
تنھنجي منھنجي پريت جو آخر ڇا ٿيندو؟
آئون چوان ٿو
تنھنجي منھنجي پريت جنيوا ٽاڪس ۾ آھي“
جنيوا سئٽزرلينڊ جو اھو شھر آھي، جتي ھڪ يارنھن ٻارنھن سال اڳ ايران جي نيوڪليئر معاملي تي مشھور مذاڪرات ٿيا ھئا. انھن ڳالھين ۾ ايران کان سواءِ ايٽمي ڪلب جي پنجن ملڪن آمريڪا، روس، جرمني، فرانس ۽ برطانيا تفصيل سان ڳالھيون ڪري Joint Comprehensive Plan of Action يعني (JCPOA) جي نالي ۾ ھڪ عدد مشھور معاھدو به ڪيو ھو. ان وقت امريڪا جو صدر باراڪ اوباما ھو ۽ ان دؤر ۾ معاھدي تحت ايران کي سندس منجمد ٿيل رقم مان ڪجھ حصو ڏيڻ تي ڊونالڊ ٽرمپ وڏا ڇوھ ڇنڊيا ھئا. ھن وقت جڏھن ٽرمپ ايران سان امن معاھدي تي صحيون ڪري چڪو آھي، تڏھن عالمي ميڊيا ھن کي JCPOA جو مھڻو ڏئي ٿي. پر “منھنجو ڪتو، ڪتو ۽ تنھنجو ڪتو ٽومي“ واري روش رکندي ٽرمپ پنھنجي معاھدي کي ايران جي ايٽمي پروگرام آڏو آيل بلند ڀت قرار ڏئي ٿو. اھا ڀت ڪيتري پڪي پختي ۽ ڪيتري ڀرندڙ ڀتي آھي؟ ان جو فيصلو ته وقت ڪندو پر ايران ۽ آمريڪا جي تازي معاھدي بعد به اسرائيل لبنان مٿان حملا جاري رکندي اھڙي صورتحال پيدا ڪري چڪو آھي، جنھن سبب اھو معاھدو خطري ۾ نه ته گھٽ ۾ گھٽ رولڙي ۾ ضرور پئجي ويو آھي ۽ ان کي شير و شڪر ڪرڻ لاءِ پاڪستان ھڪ ڀيرو ٻيھر ٽياڪڙ جي حيثيت سان شامل ٿيو آھي.
پاڪستان جنھن کي صدر ٽرمپ ۽ صدر پزشڪيان پاران صحيون ڪرڻ بعد وچ مان مک سمجھي ڪڍيو پيو ويو پر مذاڪرات ۾ پيدا ٿيل پيچيدگين سبب پاڪستان جو ڪردار ھڪ ڀيرو ٻيھر ضروري ٿي پيو آھي. اھو پاڪستان جنھن کي ڀارت جي پرڌان منتريءَ وڏي ڪوشش سان پاسيرو ڪرايو ھو پر حالتن ھن کي وري معتبر ٿيڻ جو موقعو فراھم ڪيو آھي. اھڙي طرح آمريڪا ۾ ويٺل پاڪستان جا اھي وي لاگر جيڪي پنھنجي آن لائن ڌنڌي کي ھر ڏينھن نئون موڙ ڏئي سجائڻ جي سلسلي ۾ اھو موقف اختيار ڪري رھيا ھئا ته، ”پاڪستان سئٽزرلينڊ جي سفارتي جنت مان ڪڍيو ويو آھي“ انھن وري Paradise Regain جھڙا ٻول ٻولڻ شروع ڪيا آھن. اصل ۾ اھڙن لفظن جي حوالي سان انھن جو اشارو 17ھين صديءَ جي ان مشھور انگريز شاعر جان ملٽن جي طويل ايپڪ نظم طرف ھو، جنھن جي پھرين حصي جو نالو Paradise Lost ھو. جنھن ۾ ملٽن انسان کي جنت مان نڪرڻ جو قصوروار قرار ڏنو ھو. جڏھن ته پاڪستان آمريڪا جي ڪا نافرماني نه ڪئي پر پوءِ به موديءَ کي مسرور رکڻ لاءِ پاڪستان کي پاسيرو ڪرڻ وارو آمريڪا ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان کي ليڪ لوسيرين سمٽ جي وچين ڪرسيءَ تي ويھارڻ لاءِ تيار ٿيو آھي.
دنيا تبديلين جي تاريخ جو ڦرندڙ گھرندڙ چرخو آھي. اھو ايران جيڪو ڪجھ وقت اڳ تائين دنيا جو وسري ويل ملڪ بڻيل ھو، اھو ايران اڄ پوري شان مان، عزت ۽ وقار سان ان سئٽزرلينڊ ۾ جلوہ افروز آھي، جنھن جو پرامن سفارتي ڪردار عالمي پسمنظر ۾ وڏي معنيٰ جو مالڪ آھي. جڏھن ته ھن ڀيري ايران ۽ آمريڪا جون ڳالھيون جنيوا ۾ نه پر سئٽزرلينڊ جي ان ڏورانھين ماڳ تي ٿي رھيون آھن، جيڪو پنھنجي آبي ۽ نباتاتي حسن جي حوالي سان ان ملڪ جو جديد ۽ ڳھريل ڳوٺ آھي.
ھن وقت ايران ۽ آمريڪا ۾ پيدا ٿي ويل پيچيدگين جو سبب معاھدي ۾ پيش ٿيل ڪنھن جملي يا ڪنھن لفظ جي معنيٰ ۽ تشريح نه پر سڌو سنئون اھو اشو آھي ته ايران معاھدي مطابق لبنان مٿان ڪنھن به حملي نه ٿيڻ جي خاطري ورتي ھئي پر اسرائيل آمريڪا پاران منع جي باوجود به ڏکڻ لبنان مٿان حملا ڪري ھڪ درجن انسانن کي اجل جي آغوش حوالي ڪيو آھي، جڏھن ته الجزيره ھر ڏينھن ۽ ھر ڪلاڪ انھن مڪانن جو ملبو ڏيکاري رھيو آھي، جيڪي ڪڏھن لبنان جي ماڻھن جا محنت سان جوڙيل مضبوط ۽ خوبصورت گھر ھئا. اڄ ان ملبي مان معصوم ٻارن جون گڏيون ۽ ڀڳل ٽٽل سائيڪلون ائين کڄنديون نظر اچن ٿيون، جيئن ڪالھ اسان کي غزا ۾ نظر آيون ھيون ۽ ان کان اڳ فلسطين جي انھن شھرن ۾، جيڪي اڄ اسرائيل جي مڪمل قبضي ھيٺ اچي چڪا آھن.
عالمي ميڊيا تي ويٺل مبصر ھن مھل پنھنجي پنھنجي ٻولين ۾ ان معاملي تي تبصرا ڪرڻ ۾ مصروف آھن ته ڇا آمريڪا پنھنجي موڀي ۽ بگڙيل پٽ اسرائيل کي ڪجھ وقت لاءِ ئي سھي پر حملا نه ڪرڻ تي راضي ڪري سگھندو؟ جيتوڻيڪ آمريڪا جي صدر ٽرمپ پنھنجي مخصوص مزاج سبب ۽ انداز سان نيتن ياھوءَ کي پنھنجائپ واري ڇتي ڇنڊ به پٽي آھي ۽ کيس پنھنجي مٽيءَ ۾ ملي ويل سياسي ساک جو مھڻو به ڏنو آھي پر اسرائيل کي آمريڪا ۾ موجود پنھنجي مضبوط لابيءَ جي طاقت جو اندازو آھي، اسرائيل کي پوري پڪ آھي ته ھو ڀلي ڪيتريون به نافرمانيون ڪري پر آمريڪا ھن کي ڪڏھن به ”عاق“ نه ڪندو. اسرائيل جڏھن به مشڪل مرحلي ۾ آيو ته آمريڪا ھن جي مدد لاءِ ضرور ايندو پر ھن ڀيري واشنگٽن پاڻ جنھن وڪڙ ۾ اچي ويو آھي، ان مان نڪرڻ لاءِ ھو ڀرپور طرح سان ھٿ پير ھڻڻ لاءِ وقتي طور ئي سھي پر اسرائيل جي تعاون جو طلبگار آھي. ھونءَ ته اسرائيل لاءِ ڪجھه وقت صبر سان رھڻ ايترو ڪٺن ڪم ناھي پر ھن لاءِ ايران جي موجوده سفارتي سگھ برداشت ڪرڻ مشڪل آھي. ھن لاءِ ان کان وڌيڪ ناقابل برداشت اھا صورتحال آھي ته آمريڪا ايران سان پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙيءَ ۾ ويھي ڳالھيون ڪري ۽ ھن جي حيثيت ڪنڊ ۾ اڇلايل بيڪار ڀانڊي جھڙي ھجي.
اسرائيل جي پيٽ ۾ واشنگٽن جي بي رخيءَ جا وٽ ان ڪري به وڌيڪ پون ٿا، جو آمريڪا ھن ڀيري اسرائيل کي اعتماد ۾ وٺڻ به نه ٿو چاھي. ان جو ھڪ سبب اھو آھي ته آمريڪا کي اسرائيل پاران مھانگي ۽ مسئلن ڀري جنگ ۾ ڦاسائڻ تي غصو آھي ۽ ٻيو سبب اسرائيل پاران آمريڪا جي گھڻي ۽ گھري جاسوسي ڪرڻ آھي. شايد اھوئي سبب آھي ته ھن ڀيري آمريڪا ڳالھين لاءِ دنيا جي سڀ کان محفوظ ھنڌ طور سئٽزرلينڊ جو اھو ماڳ چونڊيو آھي، جنھن جو نالو برگن اسٽاخ آھي. برگن اسٽاخ نه صرف پنھنجي پرڪشش فطري حسن جي حوالي سان جڳ جھان ۾ وڏي شھرت رکي ٿو پر اھو پنھنجي پھچ جي حوالي سان مشڪل ماڳ طور سڃاتو ويندو آھي. ھي اھو ھنڌ آھي، جتي لوسرن نالي تمام حسين ڍنڍ مٿان قائم ريزورٽ تي رسڻ لاءِ پھرين ٻيڙي ۽ پوءِ پھاڙي ٽرين استعمال ڪئي ويندي آھي. اھڙي خوبصورت ماڳ تي نه صرف ڳالھين جو موڊ خوشگوار ھوندو پر اتي نه صرف تحفظ جو جوڳو بندوبست آھي پر پرانھين ۽ مشڪل رستي واري ماڳ سبب اتي دنيا جي ادارن ۽ خاص طور تي اسرائيل جي موساد لاءِ جاسوسي ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل ڪم ھوندو.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ھلندڙ ڳالھين جي نوعيت ٽيڪنيڪل قسم جي آھي. ڇو ته اصولي نقطا ته گڏيل اتفاق سان طئہ ٿي چڪا آھن. باقي عملي مرحلن لاءِ ٻئي ملڪ پنھنجيون پنھنجيون مجبوريون بيان ڪرڻ لاءِ ڪنھن ھڪ ٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ اھڙي صورتحال چاھين ٿا، جيڪا اسلام آباد ۽ قطر ۾ ممڪن نه ھئي. آمريڪا جي سرڪاري ڌر ريپبلڪن کي پنھنجي ملڪ جي عوام ۾ ڪريل سياسي ساک کي ان لاءِ به سھارو ڏئي مٿي ڪرڻو آھي، جو مٿان چونڊن جو چوٻول مچي رھيو آھي. جڏھن ته ايران جو عوام پنھنجي تاريخي صبر ۽ تازي جنگي جبر جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جو ڀرپور ازالو ڪرڻ جي توقع رکي ويٺو آھي. ايران پنھنجي عوام جي وڌيل اميدن کي لتاڙڻ جي پوزيشن ۾ ناھي.
آمريڪا ۽ ايران جي مجبوريءَ ۽ معذوري وچ ۾ پاڪستان ۽ قطر پاران ڪيترو توازن پيدا ڪري سگھجي ٿو؟ ان سوال جو جواب پيش ڪرڻ لاءِ ھن مھل عالمي ميڊيا تيستائين تجزين جا تھہ کوليندي رھندي، جيستائين ڪا گڏيل پڌرائي تازي تاريخ جو سنگ بنياد رکڻ ۾ سوڀاري ٿئي. جڏھن ته ھن ڀيري ايران جو موڊ مجبور ملڪ وارو ناھي ۽ ٽرمپ پاران ايران کي ٻيھر سخت حملن جي ڌمڪي معاملا ٺاھڻ بدران بگاڙڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.