| سائبر ڪرائيم پاران اياز لطيف پليجو ۽ رياض چانڊيو طلب |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ اياز لطيف پليجي کي 10 آگسٽ تي اين سي سي آءِ اي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جتي کانئس مختلف معاملن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. جاري ڪيل نوٽيس ۾ اياز لطيف پليجي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 10 آگسٽ تي مقرر وقت تي پيش ٿئي، جاچ دوران کانئس ڪجهه سوال پڇڻا آهن. نوٽيس موجب جيڪڏهن توهان (ايازلطيف پليجو) پيش نه ٿيا ته اهو سمجهيو ويندو ته توهان وٽ پنهنجي دفاع ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، جنهن کانپوءِ قانون موجب توهان خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اياز لطيف پليجي خلاف رياست جي شڪايت تي انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيس ۾ لڳايل الزامن جا تفصيل شامل ناهن. هوڏانهن اين سي سي آءِ اي طرفان جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خلاف به انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي، رياض چانڊيو کي اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان رياست مخالف مواد سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيو، 10 آگسٽ تي پيش ٿيو، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي