اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشيءَ کي آفيشل سيڪريٽ ائڪٽ
عدالت اسلام آباد ۾ پهچايو ويو
شاهه محمود قريشيءَ کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، شاهه محمود قريشيءَ کان ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ جاچ ڪري رهيو آهي
ڪيس جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ان ڪئميره ٻڌڻي ڪئي، اسپيشل ڪورٽ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود جو مسلسل ٽيون ڀيرو جسماني رمانڊ منظور ڪيو
ايف آءِ اي پاران شاهه محمود قريشي جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو
شاهه محمود جي پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، عدالت مان غير لاڳاپيل ماڻهن کي به ٻاهر ڪڍيو ويو
ٻڌڻي دوران وڪيل بابر اعواڻ جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته شاهه محمود جو سائفر ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، آرٽيڪل 90 ۽ 91 تحت سائفر ڪيس سان ڪو واسطو ناهي، 9 ڏينهن کان رمانڊ آهي اڳ ئي ڪافي رمانڊ ڏنو ويو آهي
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو، عدالت ايف آءِ اي جي استدعا منظور ڪندي شاهه محمود کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ شاهه محمود جو 4 ڏينهن جو ۽ پهريان 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو هو