اٽڪ (پنهنجي ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 13سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي
سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي
پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي
ايف آءِ اي جي اختيارين پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل اندر قائم ڪيل اسپيشل ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو
ذريعن موجب ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سلمان صفدر به عدالت ۾ پيش ٿيا
سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، مٿس سياسسي انتقام لاءِ سائيفر ڪيس ٺاهيو ويو آهي