سائفر ڪيس: شاهه محمود جو جسماني رمانڊ خلاف عدالت سان رابطو

آگسٽ 26, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس ۾ جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي

درخواست ۾ هن جسماني رمانڊ جي ٽن حڪمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته جوڊيشل رمانڊ تي موڪليو وڃي

شاهه محمود درخواست ۾ چيو ته وفاقي حڪومت جي ملي ڀڳت سان بدنيتي تي ٻڌل ڪيس منهنجي خلاف داخل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته آئون ايف آءِ اي آڏو جاچ ۾ پيش ٿيس، سائفر ٽيليگرام نه مون ورتو نه ئي ٽرانسڪرپٽ ڪنهن غير لاڳاپيل ماڻهو کي ٻڌايو، رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته سائفر پرڏيهي وزارت وٽ آهي ان باوجود مون کي گرفتار ڪري 3 ڀيرا جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويو

Leave A Comment