سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

آڪٽوبر 17, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

خصوصي عدالت جي جج اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، گذريل ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڄ  جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي، اڄوڪي ٻڌڻيءَ تي به پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشيءَ تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

عدالت فرد جرم  جي ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تي مقرر ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت چيو ته عدالت کي ٻڌايو ته چالان جون ڪاپيون ملڻ بنا فرد جرم لاڳو نه ٿو ٿي سگهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پڃري نما ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، سندس حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، هن کي 9  مئي جي واقعن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين  جي ملٽري ڪورٽ  ٽرائل جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جيل اندر ٻڌڻي کي ٻيهر عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ پيا وڃون

Leave A Comment