اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين تي لڳايل شقن ۾ موت يا عمر قيد جي سزا آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائيفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ضمانت رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته شاهه محمود قريشي کي به ان ئي تناظر ۾ ڏٺو ويندو، اهڙن ڪيسن ۾ ڪو مناسب سبب موجود نه هجي ته ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي
چيف جسٽس عامر فاروق 10 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهه لاءِ ڀڙڪائڻ، ڏوهه جي سازش يا معاونت ڪندڙ کي ڏوهه جي مک جوابدار طور ئي ڏٺو ويندو
فيصلي موجب ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ضمانت سزا روڪڻ نه آهي پر عمر قيد يا موت جي سزا وارن جوابدارن کي ضمانت ڏيڻ وقت عدالتون احتياط کان ڪم وٺنديون آهن
عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته استثنيٰ رڳو آفيشل ڊيوٽي لاءِ آهي، شاهه محمود قريشي تي 27 مارچ تي جلسي ۾ تقرير ڪرڻ جو الزام آهي، اهو عمل آفيشل ڊيوٽي ۾ نه ٿو اچي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته عدالت ضمانت رد ڪندي حڪم ڏئي ٿي ته ٽرائل 4 هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي