اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ان ڪيمرا ٻڌڻي هلائڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو
چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ان ڪيمرا ٻڌڻي هلائڻ بابت ايف آءِ اي جي درخواست جي ٻڌڻي هلائي، ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور دليل ڏيندي چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل کي پبلڪ نه ٿو ڪري سگهجي
سندس چوڻ هو ته ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڪجهه اهم دستاويز ۽ بيان عدالت آڏو رکڻا آهن، ڪجهه ملڪن جا بيان به ريڪارڊ تي آڻڻا آهن، اها ڪارروائي پبلڪ ٿيندي ته ڪجهه ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا
چيف جسٽس چيو ته عدالت ضمانت جي درخواست تي فيصلو ڏيندي ته اهو ته پبلڪ ٿي ويندو، جڏهن فيصلو پبلڪ ٿيندو ته پوءِ ٻڌڻي ان ڪيمرا ڇو ڪئي وڃي؟
وڪيل شاهه خاور چيو ته سائيفر هڪ ڳجهو دستاويز آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر ان ڪيمرا ٻڌڻي جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪڏهن سائيفر پبلڪ ٿي چڪو آهي ته پوءِ هاڻي ڪهڙي شيءِ کي پبلڪ ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي، اسان ته تيار ٿي آيا هئاسين ته ٻڌڻي جي لائيو اسٽريمنگ ٿيندي
چيف جسٽس چيو ته لائيو اسٽريمنگ ٿيندي ۽ ضرور ٿيندي، اسان ڪارروائي لائيو ڪرڻ جو معاملو فل ڪورٽ آڏو رکيو آهي، عدالت ايف آءِ اي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو