سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد

آڪٽوبر 27, 2023

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائيفر ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست به رد، چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ظاهري طور پٽيشنر تي آفيشنل سيڪريٽ ايڪٽ جو سيڪشن فائيو لاڳو ٿئي ٿو

سائفر ڪيس ٻڌندڙ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بابت خصوصي عدالت به پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي

Leave A Comment