اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سائفر ڪيس ۾ ڪهڙي بيچيني هئي جو رات 9 وڳي به ٽرائل ٿي رهيو هو، آڏي پُڃا جو حق ختم ٿي وڃي ته اها حق تلفي هوندي آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي عدالت چيو ته سائفر ڪيس نه هارڊ ڪور ڪرمنل ڪيس ۽ نه ئي وائيٽ ڪالر ڪرائيم آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف هي ڪيس پنهنجي نوعيت جو الڳ ڪيس آهي
پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته هڪ وڪيل ڏندن جي سور سبب پيش نه ٿي سگهيو، ٽرائل جج ٻئي ڏينهن سرڪاري وڪيل مقرر ڪري ڇڏيا، ٽرائل ڪورٽ جي جج ڪيس تي ٽرائل کي تڪراري بڻائي ڇڏيو
جسٽس ميان گُل حسن اورنگزيب پُڇيو ته اهڙي ڪهڙي تڪڙ هئي، جج تڪڙ ۾ ٽرائل ڪيو ته پراسيڪيوشن کان پڇنداسين، چيف جسٽس چيو ته ڪهڙي بيچيني هئي جو رات 9 وڳي به ٽرائل ٿي رهيو هو
چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته شام جو ٽرائل جي ڪهڙي حيثيت هوندي آهي؟ آڏي پُڃا جو حق ختم ٿي وڃي ته اها حق تلفي هوندي آهي