واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪنھن بھ سازش ۾ ملوث نھ آھي، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم جي روسي دوري تي آمريڪا ڳڻتي ضرور ظاھر ڪئي ھئي، اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم يوڪرين تي حملي واري ڏينھن روس جو دورو ڪيو ھو
آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جي واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت وارا الزام غلط ھئا ۽ غلط رھندا
آمريڪي سائيفر بابت پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ ميٿيو ملر چيو تھ پاڪستاني سفارتڪارن سان ٿيل نجي ڳالھھ ٻولھھ تي تبصرو نھ ٿا ڪري سگھون، آمريڪا سان منسوب سائيفر جيڪڏھن درست بھ آھي تھ ان ۾ بھ رڳو اڳوڻي وزيراعظم جي روسي دوري تي ڳڻتي ظاھر ڪيل آھي
هن چيو ته پاڪستاني سفير بھ اھا ئي ڳالھھ ڪئي آھي جيڪا اسان پيا ڪريون تھ ڪا بھ مداخلت نھ ٿي آھي، دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ بھ جمھوري اصولن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي ڳالھھ ڪيون ٿا