سائنسدانن پاران برازيل ۾ نارنگي ڏيڏر جو نئون نسل دريافت

سائنسدانن پاران برازيل ۾ نارنگي ڏيڏر جو نئون نسل دريافت

براسيليا (انٽريسٽنگ نيوز) سائنسدانن برازيل ۾ نارنگي ڏيڏر جي هڪ نئين نسل کي دريافت ڪيو آهي، جيڪو آساني سان پينسل جي چهنب تي فٽ ٿي سگهي ٿو. ڏيڏر جو هي قسم جيڪو سائيز ۾ 14 ملي ميٽر کان گهٽ آهي، سيرا ڊو ڪواريرو جبل جي قطار ۾ ڪلائوڊ ٻيلي ۾ ملي هئي.محققن برازيل جي صدر لوئز اناسيو لوولا دا سلوا جي نالي تي هن نسل جو نالو ‘برائيڪيسفالس لوولائي’ رکيو.ڪلائوڊ ٻيلا عام طور تي سمنڊ جي سطح کان 1,000 کان 2,500 ميٽر جي اوچائي تي ملندا آهن. دنيا ۾ هاڻي تائين 2 ملين جانور دريافت ڪيا ويا آهن ۽ هڪ اندازي مطابق دنيا تقريبن 8 ملين جانورن جو گهر آهي، جنهن جو مطلب آهي ته تقريبن 6 ملين جانور اڃا تائين دريافت نه ٿي سگهيا آهن.