سائنس جو ڪرشمو: ڄمڻ بعد گم ٿيل نينگري والدين سان ملائي ڇڏي

سائنس جو ڪرشمو: ڄمڻ بعد گم ٿيل نينگري والدين سان ملائي ڇڏي

بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) پيدائش جي فوري بعد ٽوائلٽ ۾ ڦٽي ڪيل عورت کي 28 سالن کانپوءِ والدين وري ملي ويا. 28 سالن جي سالن جي هونگ يانگ لي جيانگ شي صوبي جي نانچانگ ۾ پيدا ٿي هئي. هوءَ پنهنجي والدين جو ٽيون ٻار هئي. هونگ جي ماءُ يانگ شياونگ ٻڌايو ته ٻار جي پيدائش کان هڪ ڏينهن پوءِ منهنجو سهرو هونگ کي اهو چئي پاڻ سان گڏ گهر وٺي ويو ته هوسندس سنڀال ڪندو. نينگري ڪمزور هئي ۽ مڙس ٻاهر هو ان ڪري مون به نينگري ڏاڏي جي حوالي ڪري ڇڏي پر اهو آخري ڀيرو ثابت ٿيو جڏهن مون نينگري کي ڏٺو. سهري کي ڌيئرون پسند نه هيون جنهن هن نئين ڄاول ٻارڙيءَ کي ٻئي ڳوٺ جي ٽوائليٽ ۾ ڇڏي ڏنو. سالن تائين ڌيءَ لاءِ تڙپندي رهيس پر سهري ڪجهه به نه ٻڌايو جڏهن فو ٿيو ته به نه ٻڌايائين. هونگ يانگ لي جي پيءُ شو ليوننگ چيو ته سالن کان افسوس ڪندو رهيس پر نه ته والد سان ناراض ٿيس ۽ نه ئي پوليس وٽ ويس. ڌيءُ کي ڳوليندو رهيس پر ناڪام ويس.

نينگري کي هڪ واٽهڙو ٽوائلٽ مان ڪڍي ٻن سالن تائين پاڻ وٽ پاليو ۽ پوءِ کيس فلاحي اداري حوالي ڪري ڇڏيائين جتي هن جو نالو هونگ يانگ لي رکيو ويو ۽ هڪ ڊچ خاندان هن کي هنج ورتو ۽ هالينڊ کڻي ويا . ڊچ جوڙي هونگ يانگ لي کي پيار سان پاليو جنهن تي هوءَ شڪرگذار رهي پر پنهنجي اصل والدين کي ڳولڻ شروع ڪيائين. ڊسمبر 2024ع ۾ هن پنهنجي رت جو نمونو هڪ چيني ڊيٽابيس ۾ جمع ڪرايو جيڪو گم ٿيل ٻارن کي انهن جي خاندانن سان ٻيهر ملائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. اهو ڊي اين اي نمونو استعمال ڪري والدين جي سڃاڻپ ڪئي14  مارچ تي هونگ يانگ لي پنهنجي والدين جي اباڻي شهر پهتي ۽ انهن سان ملي والدين گلن ۽ آتشبازي سان هن جو استقبال ڪيو. هونگ يانگ لي چيني نه ٿي ڳالهائي، پر جڏهن سندس والدين ڳالهائي رهيا هئا ته هوءَ روئي پئي، جڏهن ته مقامي ماڻهو مترجم طور ڪم ڪري رهيا هئا. هونگ يانگ لي جا والدين هاڻي چون ٿا ته اهي هالينڊ وڃڻ چاهين ٿا ته جيئن ان جوڙي سان ملن جن سندن ڌيءَ جي بهترين پرورش ڪئي. هانگ جي پيءُ جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڌيءَ جي فيصلي جو احترام ڪندو ۽ هوءَ چين يا هالينڊ ۾ ڪٿي به رهڻ لاءِ آزاد آهي.