| سائوٿ ايشين گيمز رولڙي جو شڪار: جنوري ۾ رٿيل رانديون 2027ع ۾ ٿيڻ جو امڪان |
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ايندڙ سال جنوري ۾ پاڪستان ۾ رٿيل سائوٿ ايشين گيمز وڌيڪ رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. سائوٿ ايشين گيمز 23 جنوري کان 31 جنوري تائين لاهور، فيصل آباد ۽ اسلام آباد ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ذريعن موجب 2026ع ۾ اٽلي ونٽر گيمز، ڪامن ويلٿ گيمز ۽ ايشين گيمز سميت ٻين عالمي ايونٽس جي ڪري سائوٿ ايشين گيمز هاڻي وڌيڪ هڪ سال ليٽ ٿي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته سائوٿ ايشين گيمز 2027 ۾ ئي ممڪن ٿي سگهن ٿام پر گيمز جي مستقبل جي حوالي سان با ضابطه اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته آخري ڀيرو 2019ع ۾ نيال سائوٿ ايشين گيمز جي ميزباني ڪئي هئي، ان کان پوءِ ڪووڊ سميت ٻين سببن جي ڪري اڃا تائين اهي گيمز ناهن ٿي سگهيون.