اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ٿي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪيو
پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪندي چيو ويو ته لڳايل الزام ڪوڙا آهن، فرد جرم غلط ۽ غيراخلاقي آهي جنهن کي چيلنج ڪنداسين، فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد سڀاڻي کان پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف اڊيالا جيل ۾ ٽرائل شروع ٿي ويندو
فرد جرم ۾ 3 الزام لڳايا ويا آهن ته عمران بطور وزيراعظم ۽ شاهه محمود پرڏيهي وزير طور سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڳجهو دستاويز عوام ۾ ظاهر ڪيو، ذاتي مفادن لاءِ سائفر کي استعمال ڪيو، ان غيرقانوني قدم سان ملڪي ساک، سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن کي نقصان پهتو
سائفر ڪيس ۾ گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا، عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي 3سرڪاري شاهدن کي طلب ڪري ورتو، سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي