اسلام آباد(بيورو)سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي
اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابو الحسنات شاهه محمود قريشي خلاف اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، وڪيل سلمان صفدر، ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر چالان جي ڪاپي سان گڏ پيش ٿيا
شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ ۽ پٽ زين قريشي به اڊيالا جيل پهتا، ٻڌڻي دوران سائيفر ڪيس ۾ چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي