سائيفر ڪيس ۾ لڳايل سيڪشن سبب درخواست گذار عمران خان کي موت جي سزا ٿي سگهي ٿي: جسٽس گل حسن

نومبر 16, 2023

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو آهي ته سائيفر ڪيس ۾ لڳايل سيڪشن سبب درخواست گذار کي موت جي سزا ٿي سگهي ٿي، يا درخواست گذار سموري عمر جيل ۾ گهاري سگهي ٿو

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته ائين نه ٿئي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل چيو ته هي سٺو ماڻهو آهي جيڪو چئي رهيو آهي ته پراسيڪيوشن هن ڪيس ۾ ڪامياب نه ٿيندي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر باوجود ٽرائل ڪورٽ جيل ۾ ساڍي 3 وڳي تائين ٻڌڻي جاري رکي، پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته عدالت اسٽي آرڊر جو اطلاع ملڻ بعد ٻڌڻي روڪي ڇڏي هئي

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته درخواست گذار سموري عمر جيل ۾ گهاري سگهي ٿو، درخواستگذار کي موت جي سزا به ٿي سگهي ٿي

Leave A Comment