| سائين جي ايم سيد جو فڪر نوجوانن کي راهه ڏيکاريندڙ آهي: اڳواڻ |
نصيرآباد (ن پ ا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نصيرآباد پاران سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جي مناسبت سان شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ شهر جي سياسي ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ننگر چنا محب علي ڦلپوٽو ، علي گل ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته سائين جي ايم سيد جي سوچ اڄ به سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ راهه ڏيکاريندڙ آهي. تقريب جي آخر ۾ سائين جي ايم سيد جي خدمتن کي ساراهيندي سنڌ جي حقن ۽ سڃاڻپ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.