| سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جون تياريون، سن ۾ سياسي جلسو ٿيندو |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سربراهي اجلاس حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين ۽ رهبر ڪميٽي جي سربراھ رياض چانڊيو جي صدارت
۾ ٿيو. اجلاس ۾ جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ راول ڪرناڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ کي سنڌي قوم جي تاريخي گهرجن مطابق يادگار ڪري ملهايو ويندو.ان موقعي تي سن ۾ سياسي جلسو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو آهي ته 73 جي آئين کي قومن جو قاتل آئين سمجهون ٿا.تنهن هوندي به ان ئي آئين ۾ ڪابه اهڙي ترميم ۽ تبديلي قبول ناهي، جنهن سبب سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ پيداواري وسيلن تي اثر پوندو هجي. اجلاس ۾ پنهل ساريو، غفار ميرجت، انور بڙدي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، الاهي بخش چاچڙ، پنهل جمالي، فيصل وڳڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.