سائين جي ايم سيد جي سالگره: جسقم پاران مشعل بردار ريليون

سائين جي ايم سيد جي سالگره: جسقم پاران مشعل بردار ريليون

ڪراچي (نمائندن وٽان)  جسقم پاران جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي نسبت سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مشعل بردار ريليون ڪڍيون ويون. ان ڏس ۾ملير ۾ جسقم  ۽ جساف ملير جي ڪارڪنن جسقم ضلع ملير جي صدر مختيار سومرو، جساف ملير جي صدر جي ايم سيال ڪئي جڏهن ته مير مرتضيٰ جوڻيجو، مشتاق ظهراڻي، راشد سنڌي، نانو ميراڻي، ممتاز مري، رئوف جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي ريلي پپري فٽبال گرائونڊ کان شروع ٿي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير تي پهتي.ڳواڻن چيو ته سنڌ لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي، اسين سائين جي ايم سيد جا پيروڪار آهيون عدم تشدد تي يقين رکون ٿا، سنڌ انتهائي ڏکي صورتحال مان گذري پئي، سنڌ جي نوجوانن ۽ گهڻ گهرن کي گهرجي ته هو سائين جي ايم سيد جي فلسفي هيٺ اسان جي صفن ۾ شامل ٿين ته جيئن سنڌ کي خوشحال ملڪ بڻائي سگهجي . هوڏانهن سرھاري ۾ قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرھ جي موقعي تي ھٿن ۾ ڏيئا روشن ڪري احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن باغي بنگوار, شعيب مشوري, نور سنڌي, اي ڊي پلھ, نثار ديشي, اعجاز رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي.  ٽنڊوآدم ۾ جسقم پاران جي ايم سيد جي 115ھين سالگرھ جي موقعي تي ڪامريڊ غلام شبير ڪوريجو، آصف ڪيريو، تنوير پرھياڙ ۽ طفيل بھڻ جي اڳواڻي ۾ اسٽيش روڊ کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي.  قمبر ۾ جسقم طرفان ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ڏيئا ٻاري هٿن ۾ کڻي مشعل بردار ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتا، ريلي جي اڳواڻي شاھجھان ڪلهوڙو،خالق چانڊيو،حسنين بخاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. پنگريو شھر ۾ سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرھ تي  جسقم جي مرڪزي  سڏ تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي ريلي پنگريو شھر جي مختلف چؤنڪن کان ٿيندي پريس ڪلب پنگريو پھتي جتي اڳواڻن محبوب جوڻيجو قيصر چانڊيو اعجاز کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪري نظرئي تي ھلندي ڪنھن به قرباني کان نه ڪيٻابو ويندو  ڪنري ۾ جي ايم سيد جي 122 ھين سالگرھ جي موقعي تي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن محمد رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي، ادريس ڀٽي، نادر ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جي ايم سيد کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي نصيرآباد ۾ غلام مصطفيٰ مسڻ  بشير باغي سُڌير ڪلھوڙي صدام شيخ ٻين معشل برداري ريلي ڪڍي. ميروخان ۾ محمد حسن جتوئي، رميز جتوئي، رضوان تنيو، ڊاڪٽر شعيب جوکيو ، انعام ڪلهوڙو، مسعود جتوئي ۽ ٻين معشل بردار ريلي ڪڍي . ٺل ۾ ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ جمال جوش ٻرڙو، جسقم اڳواڻ شمن سومرو، وسيم قريشي، عبدالستار ميمڻ، ڏاڏو قريشي، بشير لاشاري، ڪامريڊ لياقت سرڪي، برڪت لاشاري، بشير سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معشل برداري ريلي ڪڍي وئي.