اڄ سنڌ جي ان رهبر، عالم, ڏاهي ۽ دور انديش انسان سائين جي ايم سيد جي 31هين ورسي آهي، جيڪا سن جي سرزمين تي ملهائي پئي وڃي، اڄ ڪيترائي سيد جا پيروڪار رات کان وٺي اڄوڪي سج اُڀرڻ کان وٺي سڄ لهڻ تائين سن ۾ موجود هوندا ۽ سيد کي سلامي پيش ڪندا، جيئن ته هن آرٽيڪل جي شروعات سائين جي ايم سيد کي دور انديش انسان لکڻ سان ڪئي آهي، تنهن سيد جي علم، ڏاهپ جي روشني ۾ سندس دور انديش نظر تي ڪجھ لکڻ ضروري سمجهان ٿو،
سائين جي ايم سيد 1954ع ۾ ويانا امن ڪانفرنس ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، تقرير مني صدي کان پوءِ به سچ ثابت ٿي. يعني سن جي سيد جي نظر سئو سال تائين معاملن تي رهي آهي، دنيا جي سياسي افق تي اڄ جيڪو منظرنامو ٺهندو پيو وڃي، خاص طور تي ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، تنهن ڪري اهو ڪنهن اوچتي صورتحال جو نتيجو نه آهي، پر تاريخي پاليسين، طاقت جي سياست ۽ عالمي ادارن جي محدوديت جو تسلسل آهي. جيڪڏهن هن سموري پس منظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، ته سائين جي ايم سيد جي 1952ع واري ويانا امن ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير هڪ آئيني وانگر سامهون اچي بيهي ٿي.
سائين ان وقت ئي خبردار ڪيو هو ته مذهب کي رياست سان ڳنڍڻ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. اڄ جڏهن وچ اوڀر ۾ ڪيترائي تڪرار مذهبي سڃاڻپ، فرقيواريت ۽ نظرياتي ٽڪراءَ جي بنياد تي بيٺل نظر اچن ٿا، ته اهو لڳي ٿو ڄڻ سائين جي اها اڳڪٿي وقت کان اڳ ڏٺل سچ هئي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ رڳو جاگرافيائي يا سياسي ناهي، پر ان جي پٺيان نظرياتي ۽ مذهبي عنصر به گهريءَ طرح شامل آهن، جيڪي تڪرار کي وڌيڪ حساس ۽ ڊگهو بڻائين ٿا.
ساڳئي وقت، سائين عالمي طاقتور قوتن جي پاليسين تي جيڪا تنقيد ڪئي، اها اڄ به لاڳو ٿئي ٿي. آمريڪا جي وچ اوڀر ۾ موجودگي، اتحادن جي جوڙجڪ، ۽ علائقائي سياست ۾ مداخلت—اهي سڀ عنصر اڄ جي بحران کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن. سائين جو خيال هو ته وڏيون طاقتون ننڍن ملڪن کي پنهنجي حڪمت عمليءَ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ تڪرار گهٽجڻ بدران وڌن ٿا. موجوده صورتحال ان سوچ جي تصديق ڪندي نظر اچي ٿي. پر سڀ کان اهم ۽ بنيادي نقطو سائين جي آمريڪا بابت تنقيد هو. هن چيو هو ته اقوام متحده نظرياتي طور انصاف، برابري ۽ خوداراديت جو ادارو آهي، پر عملي طور اهو “ويٽو پاور” جي قيد ۾ آهي. اڄ جڏهن ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي، ته اقوام متحده جو ڪردار گهڻو ڪري محدود ۽ بي اثر نظر اچي ٿو. سلامتي ڪائونسل ۾ اختلاف ۽ سياسي مفادن جي ٽڪراءَ سبب ڪو به گڏيل ۽ مؤثر حل سامهون نٿو اچي. اهو ئي نقطو آهي جتي سائين جي ايم سيد جي سوچ وڌيڪ واضح ٿي سامهون اچي ٿي—ته عالمي ادارا اخلاقي بنيادن تي قائم هجڻ باوجود طاقتور ملڪن جي اثر کان مڪمل آزاد ناهن. نتيجي طور، ننڍا ۽ وچولي درجي جا ملڪ عالمي نظام ۾ غير يقيني ۽ بي وسيءَ جو شڪار ٿين ٿا. انهيءَ پس منظر ۾ سائين جو هڪ ٻيو اهم پيغام به نمايان ٿئي ٿو: قومن کي پنهنجي حقن ۽ سلامتي لاءِ صرف عالمي ادارن تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي شعور، تنظيم ۽ حڪمت عمليءَ تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. اڄ جڏهن جنگي خطرا وڌي رهيا آهن ۽ سفارتڪاري ڪمزور نظر اچي ٿي، ته اهو سوال وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو ته آخر فيصلو ڪندڙ طاقت ڪٿي آهي—قانون ۾ يا طاقت ۾؟
اڄ جو وچ اوڀر، ويانا 1952ع جي ان تقرير جو عملي عڪس لڳي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ان وقت اها هڪ خبرداري هئي، ۽ اڄ اها هڪ مسلسل حقيقت بڻجي سامهون اچي رهي آهي.
آخر ۾ سوال ساڳيو ئي بيٺل آهي: ڇا دنيا واقعي طاقت جي سياست کان مٿانهين ٿي سگهي ٿي، يا عالمي نظام اڃا تائين بندوق، ويٽو ۽ مفادن جي محور تي ئي هلندو رهندو؟ سائين جي ايم سيد جو فڪر موجوده صورتحال ۾ اهو واضع نموني ٻڌائي رهيو ته ان سڀني مسئلي جي اصل جڙ ڪٿي آهي۔ جنهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سيد جي ان تاريخي ويانا امن ڪانفرنس ڏانهن دنيا جي ڌيان ڇڪائڻ جي پڻ ضرورت آهي،
سائين جي ايم سيد 17 جنوري 1995ع تي سن ۾ ملهايل پنهنجي 92 هين سالگراھ ۾ چيو هو ته اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاھ بڻيل آهي ۽ هر ڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت وڌيڪـ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي! جيڪا صورتحال پڻ اڄ اسان جي سامهون واضح بيٺل آهي، سنڌ کي ڪيترين سازشن جو شڪار بڻايو ويو آهي، موجودا وقت صورتحال ۾ سنڌ جي وحدانيت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن! سامونڊي ٻيٽن ۽ ڪناري تي والار ٿي رهي آهي، اُتي نوان ساحلي ميگا پروجيڪٽ رٿيا پيا وڃن. ڪراچي ملير کان ڪوهستان ۽ دادو ضلعي جي حد گورک جبل سميت ڄامشورو ۽ دادو جي گڏيل جابلو قيمتي زمين تي قبضو، قديمي مقامي ماڻهن کي زبردستي لڏائي نئون غير قانوني طور تي گڏاپ يا گورک ضلعو ٺاهڻ تي ويچاريو پيو وڃي، جيڪو ضلعو عام ماڻهن لاءِ نه پر خاص مخلوق لاءِ هوندو، جنهن جي قيام لاءِ ضلعي ڄامشوري ۽ دادو ضلعي ۾ سياسي ۽ انتظامي تبديليون ڪيون ويون آهن، جيئن ان خاص مقصد جي رٿا ۾ ڪا به انتظامي يا سياسي رڪاوٽ نه ٿئي!
سنڌ جي ٻيلن جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ مخلتف ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن، ٻيلن ۾ موجود ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جيئن امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون اچي سنڌ جو ڪچو آباد ڪن! تنهن ڪري درياھ جي ڪچي واري قديمي ڳوٺن مان مقامي ماڻهن کي لڏايو پيو وڃي! موري جي لغارين واري ڳوٺ جي ڪهاڻي به ان پسمنظر ۾ آهي، سنڌ جي خوبصورت حسناڪي جو منظر تاريخي ڪارونجهر جبل به سازشن جو نشانو بڻايو ويو آهي، انکي ڪورڻ لاءِ روز نيون ليزون سامهون اچي رهيون آهن! جيڪي سنڌ جي وجود خلاف وڏيون سازشون آهن! جن سازشن کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد، قومي ٻڌي ۽ اتحاد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سائين جي ايم سيد ان ساڳي آخري تقرير ۾ اهو به واضح نموني چيو هو ته “جڏهن بـ ڪا قوم، پنهنجي ملڪـ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بي پرواهي اختيار ڪندي آهي تـ ان قوم جي سرزمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعلى`, سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي اڄڪلھ سنڌ سان ٿي رهيو آهي” تنهن ڪري سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ سنڌ جي زمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا بچائڻ لاءِ منظم ٿيڻو پوندو. سائين، پنهنجي آخري تقرير ۾ اهو به چيو ته.. “آءُ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعلٰي` تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورو ٽولن جي مڪروھ ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان. اها جدوجهد اڃا بـ جاري آهي ۽ جاري رهندي، پر ان لاءِ لازمي آهي تـ سنڌي قوم هن لاتعلقي ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجيءَ مالڪيءَ جي دعوا لاءِ مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو تـ آزادي ۽ انصاف، ڪڏنمهن بـ پنڻ وسيلي ۽ بي پرواهيءَ سان پلئـہ نـ پوندا آهن. جيڪڏنهن توهان منهنجي ڳالھ ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي، عمل ڪيو تـ آئون پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو تـ سنڌ ۽ سنڌي قوم هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي”
تنهن ڪري اڄ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌي قوم کي سنڌ کان لاتعلقي ۽ بيپرواهي ختم ڪري سنڌ جي وجود، بقا ۽ سلامتي لاءِ پاڻ کي قومي شعور سان جوڙي اڳتي وڌڻو پوندو.