سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه: محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر ۽ ٻيا اڄ سن پهچندا

سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه: محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر ۽ ٻيا اڄ سن پهچندا

سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن ۾ اڄ جيئي سنڌ ھلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 122 سالگر ملھائي پئي وڃي سن شھر جي روڊ رستن کي ڳاڙھن جھنڊن سان سينگاريو ويو سنڌ جي مختلف شھرن مان شاگرد وڪيل اديب شاعر صحافي ۽ قومي ڪارڪن وڏي انگ ۾ پھچندا جڏهن ته ايس يوپي جسقم صنعان خان جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو  جسقم بشير خان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گروپ جسقم آريسر جيئي سنڌ تحريڪ سميت جيئي سنڌ جي پنجن مختلف دڙن طرفان سائين  جي ايم سيد جي مزار وٽ ڌار ڌار جلسا ڪري سائين  جي ايم سيد جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو. جڏهن ته ايس يوپي طرفان سائين  جي ايم سيد درياه واري بنگلي تي رات پرھ ڦٽي تائين راڳ رنگ جي محفل ڪئي وئي جنهن ۾ نذاڪت فقير مسرور سولنگي  ۽ مقامي فنڪار جاني چانڊيو نبي بخش ملاح سيد الھورايو شاھ صوفي ۽ قومي گيت ڳائي محفل کي جھومائي ڇڏيو. پروگرام ۾ ايس يوپي صدر سيد زين شاھ ڊاڪٽر ضياء شاھ روشن علي ٻرڙو جگديش آھوجا سيد منير حيدر شاھ جونيئر جي ايم سيد خدابخش ٿيٻو ليڊيز ونگ اڳواڻ ياسمين ٿيٻو پره محسن ملاح نازيا سولنگي سميت ليڊز وينگ سائين جي ايم سيد جي مزار تي پھچي گلن جون چادرون چاڙھي سائين  جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي  ۽ ڪارڪنن شھرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. رات جو 12 بجي کان پوء سائين  جي ايم جي درياه واري بنگلي تان مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف گھٽين مان ٿيندي سائين  جي ايم سيد جي مزار تي پھتي جتي گلن جون چادرون چاڙھي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جڏهن ته اڄ سائين جي ايم سيد جي درياه واري بنگلي تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ  جو ڪيڪ ڪاٽي جلسي جو آغاز پڻ ڪيو ويندو جڏهن ته ايس يوپي جي جلسي ۾ مھمان طور ٽي ٽي اي پي چيئرمين محمود خان اچڪزئي،قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، علامه راجا ناصر عباس ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفا نواز کوکر پڻ شريڪ  ٿيندا. جڏھن مختلف ڪتابن کاڌن پيتن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا جڏهن ته انتظاميان طرفان سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن سن شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس ۽ قانون نافس ڪندڙن ادارن جا اھلڪار پڻ وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا آهن.
 

  قومي ڪارڪنن جي  راهن ۾ رڪاوٽون نه وجھڻ گھرجن: سورهيه سنڌي

سن: سن ۾ جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرھ جي حوالي سان جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ قومي عيد جو ڏينهن آهي، سنڌ جي شاھ عبداللطيف کانپوء جيڪا رهنمائي ڪئي اها سائين جي ايم سيد ڪئي آهي  سائين جي ايم سيد  تاريخ جو انتهائي وڏو ماڻهو هو سائين تاريخ، علم، ادب ۽ ڏاهپ سميت بي باھڪ ڪتاب لکيا سائين 32 سال کان وڌيڪ نظربندي سنڌ جي عشق ۾ ڪاٽي ۽ اڄ ان رهبر جي 122هين سالگرھ جو جنم ڏينهن آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪن، اديب، دانشور ليکڪ پڻ شرڪت ڪري سيد کي ڀيٽا پيش ڪندا جوش ۽ جذبي سان سيد جي سالگرھ ملهائينداسين سنڌ جيڪا هن وقت خطرناڪ صورتحال مان گذري پئي ان حوالي سان اڄ جلسي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جدوجهد جو اعلان ڪندي ۽ 17 جنوري تي سڄي سنڌ کي گذارش ڪنداسين ته سڀ رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچن.  رياست کي چئون ٿا ته قومي ڪارڪنن جي  راهن ۾ رڪاوٽون  نه وجهن اگر رڪاوٽون وجهندا ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا. 
 

امتياز ميراڻي جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
 

سن: امتياز ميراڻي جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان  ڪري ڇڏيو  آهي. جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي چيو ته سينئر ڪارڪن امتياز ميراڻي جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي جنهن کي اسين ڀيلڪار ڪيون ٿا. ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت ڪندڙ سينئر ڪارڪن امتياز ميراڻي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ساٿين سان مشاورت ڪئي ته جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي جيڪو هر وقت سنڌ جي جدوجهد ۾ اڳ کان اڳڙو ٿيندو اچي ۽ هر هنڌ قومي ڪارڪنن جي مالڪي پڻ ڪندو رهي ٿو جنهن تي اعتماد ڪندي جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت ڪئي آهي.