Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_k4t2th5g7bj49phbfv3aneib1g, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سائپرس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا ... ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سائپرس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا ... ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سائپرس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

سائپرس ٻن ڌار رياستن تي مشتمل ملڪ آهي، جن مان هڪ حصو ريپبلڪ آف سائپرس سڏجي ٿو ۽ يورپين يونين جو حصوآهي، جڏهن ته ٻيو حصو ترڪي جي زير حڪومت آهي ان کي ترڪش ريپبلڪ آف نارٿ سائپرس سڏجي ٿو، هيٺ ٻنهي جو مختصر تعارف کان پوءِ تعليمي ادارن ۽ موقعن تفصيلي معلومات ڏنل آهي.
ريپبلڪ آف سائپرس جو مختصر تعارف
سائپرس Cyprus،ميڊيٽريئن سِي (رومي سمنڊ) ۾ واقع هڪ جزيري نما ملڪ آهي، جيڪو مڊل ايسٽ ملڪن ۽ يورپ جي وچ ۾ اچڻ ڪري ايشيا کي يورپ سان ڳنڍي ٿو.جڏهن ته جاگرافي طور ايشيا ۾ وچ اوڀر جو حصو آهي، هن ملڪ جي گادي جو هنڌ نڪوسيا Nicosia آهي. هن ملڪ جي آبادي 9 لک آهي، جڏهن ته في فرد سراسري آمدني 28 هزار ڊالر هجڻ ڪري خوشحال ترين ۽ بهترين زندگي گذارڻ وارن ملڪن جي فهرست ۾ 23 نمبر تي اچي ٿو. ريپبلڪ سائپرس ۾ يورو ئي سرڪاري ڪرنسي آهي. ڇو ته ريپبلڪ آف سائپرس يورپين يونين ۾ 2008ع ۾ شامل ٿيو ۽ يورو ڪرنسي جو حصو بڻيو. ريپبلڪ آف سائپرس کي ڏکڻ سائپرس به چئجي ٿو جنهن تي يونان جو اثر آهي، هن ملڪ ۾ گريڪ ۽ ترڪش سرڪاري زبانون آهن پر انگريزي به عام طور ڳالهائي وڃي ٿو. هن ملڪ جا پاڙيسري ملڪ اوڀر ۾ ترڪي، اولهه ۾ شام ۽ لبنان، اتر ۾ مصر، اتر اولهه ۾ اسرائيل ۽ اوڀر ۾ يونان شامل آهن، اهم ڳالهه تي هي سمورا ملڪ سامونڊي سرحد ذريعي هن ملڪ سان ڳنڍيل آهن. ائين کڻي چئجي ته هي ٻيٽ نما ملڪ ايشا، آفريقا ۽ يورپ سان سمنڊ رستي ڳنڍيل آهي ته غلط نه ٿيندو.
ترڪش ريپبلڪ آف نارٿ سائپرس جو مختصر تعارف
اترسائپرسترڪيجيقبضي ۾آهي جنهن جي آبادي تقريبن 4 لک جي قريب آهي، تي 98 سيڪڙو مسلمان آباد آهن، بين الاقوامي طور تي اتر سائپرس به ريپبلڪ آف سائپرس جو حصو ئي آهي پر ترڪي ان کي آزاد رياست طور مڃي ٿو. ملڪ جي هن حصي ۾ ترڪي ۽ انگريزي زبان ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ترڪش لرا سرڪاري ڪرنسي طور استعمال ٿئي ٿو.
اعليٰ تعليم جا ادارا ۽ يونيورسٽيون
ريپبلڪ آف سائپرس ۾ مجموعي تعليمي پاليسي جي ذميواري هتان جي تعليم، ثقافت، راندين ۽ نوجوانن جي بابت وزارت جي آهي. جنهن جي ويب سائيٽ تي هتان جي تعليمي پاليسي بابت بنيادي معلومات ڏنل آهي. http://www.moec.gov.cy/en/ اعليٰ تعليمي ادار ڪيترن ئي پبلڪ توڙي پرائيويٽ يونيورسٽين، اعليٰ تعليم بابت ريسرچ انسٽيٽوٽس تي مشتمل آهي.هن ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي نگهباني توڙي معيار جي پرک لاءِ سائپرس ايجنسي آف ڪوالٽي اشورنس ۽ ايڪريڊيشن اِن هاير ايجوڪيشن جي ذميواري آهي، جيڪا به تعليم جي وزارت جي هيٺ ڪم ڪري ٿي. مجموعي طور سائپرس جي تعليمي پاليسي توڙي يونيورسٽين اندر موجود انفراسٽڪچر يورپين انداز جو آهي. هن ملڪ ۾ 3 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن جن ۾ يونيورسٽي آفسائپرس، اوپن يونيورسٽي آف سائپرس ۽ سائپرس يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي شامل آهن، جڏهن ته پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ Frederick يونيورسٽي، European يونيورسٽي آف سائپرس، يونيورسٽي آف Nicosia ، Neapolis يونيورسٽي پيفوس، يونيورسٽي آف سينٽرل Lancashire ۽ Philips يونيورسٽي شامل آهن. مجموعي طور 43 پرائيويٽ اعليٰ تعليم مهياد ڪندڙ انسٽيٽوٽس آهن جن ۾ ڪاليج ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽس شامل آهن. ان جي برعڪس اتر سائپرس ۾ 6 پبلڪ ۽ 18 پرائيويٽ يونيورسٽيون آهن، مجموعي طور سائپرس انٽرنيشنل يونيورسٽي، نيئر ايسٽ يونيورسٽي، ميڊيٽيرين يونيورسٽي، يورپين يونيورسٽي آف Lefke ۽ آمريڪن يونيورسٽي آف Grine وڌيڪ مشهور آهن. جڏهن ته سائپرس انٽرنيشنل يونيورسٽي ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستي آهي.
پرڏيهي شاگردن جو تعداد
ريپبلڪ آف سسائپرس جي تعليم واري وزارت ۾ ڏيکاريل انگن مطابق سال 2016 کان 2019 دوران پرڏيهي شاگردن جو مجموعي تعداد 27 هزار جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن ۾ 20309 شاگرد يونيورسٽين ۾ ۽ باقي شاگرد مختلف اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن. جڏهن ته اتر سائپرس ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 15000 کان مٿي آهي.
داخلا، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
اتر سائپرس، يورپ جي ڀيٽ ۾تمام سستوآهي تعليمي ياعام زندگي جي گذر، سفر ۽ تعليمي حوالي سان به. ڇو ته جيترو پاڪستان ۾سيلف فنانس تي پڙهڻ جوخرچوآهي ھت بـ ساڳيو ئي خرچو آهي جھڙوڪ داخلا فيس ھڪ دفعو صرف 1000 Euro ۽ باقي سيمسٽر فيس 600 Euro آهي تـ ٽوٽل فيس پاڪستاني روپين جي لحاظ کان ماسٽرس ڊگري لاءِ 5 لک تائين ٿيندي. ماھوار رهائش جو خرچ 20 ھزارن تائين آهي.هتي جون يونيورسٽيون فيس يورو ۾وٺنديون آهن ۽عام ڪرنسي ترڪش ليرا آهي جيڪاپاڪستان جي22روپين جي برابر ھڪ ليرو آهي. ھتي پاڪستاني ماڻهوَ قريب ڏھه ھزار ٿيندا جن ۾ شاگرد ۽ ورڪ ويزا جا ماڻهو گڏ آهن ۽ ھتان جي ٻيو بـ وڏو فاعدو آهي تـ شاگردن کي پارٽ ٽائيم نوڪريون جام ملنديون آهن ريسٽورينٽ۽ڪيسينو ۾، تنهنڪري خرچ پکي توڙي فيس لاءِ به پيسا ڪمائي سگهجن ٿا. انگريزي زبان ھتان جي ماڻهن جي ائين ئي آهي جيئن اسان پاڪستاني نجي ڇاڪاڻ ته ھنن جي عام يا قومي ٻولي ترڪش آهي ھتان جو ماحول ۽ماڻهو دوستاڻو رويي وارا آهن ۽ شاگردن جي وڌ کان وڌ عزت ڪندا آهن ۽ شاگردن جي لاءِ ھڪ سئو واري شيءِ 90 روپين جي آهي يعني ڏھ سيڪڙو رعايت آهي، ان کان علاوه ھتان کان دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ويزا آساني سان ملندي آهي. هتي داخلا لاءِ ڪنهن سرٽيفڪٽ جھڙوڪ آئليٽس، ٽوفل يا جي آر اِي ٽيسٽ وغيره جي به ضرورت نه پوندي آهي، ھتان جون يونيورسٽيون اسڪالرشپ به ڏينديون آهن ۽ مختلف شاگردن کي ايڪسچينج پروگرام تحت ڪجهه وقت لاءِ انگلينڊ، آمريڪا ، ناروي، يا ڪيناڊا به موڪلينديون آهن.
داخلا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ گهربل ڪاغذ
ريپبلڪ آف سائپرس ۾ داخلا لاءِ سڌيءَ طرح يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪرڻ کانپوءِ ريبپلڪ آف سائپرس جي ڪراچي ۾ موجود ڪائونسليٽ جي ذريعي ويزا پراسس ڪري سگھجي ٿي، جڏهن ته اتر سائپرس جي يونيورسٽيون سال ۾ٻه دفعا داخلا ڏينديون آهن ھڪ جنوري ان ٽيڪ۽ٻيوسيپٽمبر ان ٽيڪ جنوري۾داخلا لاءِ southasia@ciu.edu.tr اي ميل ذريعي داخلا حاصل ڪري سگهجي ٿي يا ڪنسلٽنٽ ايجنٽ ذريعي بـ حاصل ڪري سگهجي ٿي. بيچلرس ڊگري ۾ داخلالاءِ IBCC کان اٽسٽيشن لازمي آهي ساڳي طور ماسٽرس لا۽ IBCC .HEC. Board attested کان سمورا تعليمي ڪاغذ اٽيسٽ ٿيل هجڻ لازمي آهن. سمورا تعليمي ڪاغذ ۽ پاسپورٽ ۽ 2×2 سائزتصوير USA standard مٿي ڏنل اي ميل تي موڪلڻ گھرجي، داخلا لاءِ پهرين هڪ هفتي اندر ڪنڊيشنل ليٽر اچڻ جي صورت ۾فيس جمع ڪرائڻ کانپوءِ ھڪ کان ٻن ھفتن ۾ فائنل اڪسيپٽنس ليٽر ايندو آهي، جنهن کان پوءِ گھربل ويزا فارم ڀري انٽريو لا اسلام آباد ترڪش ڪائونسليٽ وڃبو آهي، جتي اميدوار کان انٽريو ٿيندو. تعليمي سال جي شروعات جي ڏينهن کان پهرين ويزا جاري ڪيو ويندي آهي، ۽ شاگرد ويزا ملڻ جي صورت ۾ ھڪ ھفتي اندر ٽڪيٽ ڪرائي سائپرس يونيورسٽي ۾پهچي رجسٽريشن ڪرائبي آهي.
اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ جا موقعا
سائپرس جي ٻنهي حصن ۾ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين طرفان بين الاقوامي شاگردن لاءِ مختلف يونيورسٽين طرفان پنهنجي طور تي متخلف پراجيڪٽس تحت اسڪالرشپ ۽ مددي فنڊ مهيا ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته پرائيويٽ يونيورسٽيون هونهار پرڏيهي شاگردن کي 30 سيڪڙو تائين فيس ۾ رعايت ڪن ٿيون. ان کان علاوه سائپرس حڪومت طرفان باهمي ثقافتي تعلقات وڌائڻ ۽ ريسرچ جو ماحول جوڙڻ لاءِ حڪومتي سطح تي به مخلتف شارٽ ڪورسس ۽ ٽريننگس لاءِ فنڊنگ ڏني وڃي ٿي، جنهن لاءِ منسٽري آف ايجوڪيشن جي ويب سائيٽ توڙي مختلف يونيورسٽين جي ويب سائيٽس تي اعلان ڪيو ويندو آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *