| ساجد جمال ابڙو عباس بلوچ، سهيل قريشي سوڌو 22 آفيسرن کي 20 ۽ 21 گريڊن ۾ ترقي |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پي ايس ايس ۽ ايڪس پي سي ايس گروپن جي 22 آفيسرن کي 20۽ 21 گريڊن ۾ ترقيون ڏئي ڇڏيون، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس ۾ 4 آفيسرن کي گريڊ 21هين ۽ 18 آفيسرن کي سيڪريٽري طور گريڊ 20هين ۾ ترقيون ڏنيون ويون، اجلاس ۾4 آفيسرن سهيل قريشي، رفيق مصطفيٰ، ساجد جمال ابڙو ۽ عباس بلوچ کي21هين گريڊ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري واري عهدي تي ترقيون ڏنيون ويون، جڏهن ته 19هين گريڊ جي 18 آفيسرن سعيد احمد شيخ، اقبال لاکو، ابرار شيخ، انعام الرحيم ابڙو، عاصم محي الدين، غلام علي سومرو، شمائله ڪفيل، رياض سهتو، قدير انصاري، زاهد علي شر، اسلم کوسو، عمران ڀٽي، نثار چنڙ، آصف جان صديقي، سباش چندر، طارق قريشي، فرقان لغاري ۽ مرتضيٰ شيخ کي سيڪريٽري واري عهدي طور 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.