ساحلي پٽي جي ماڻهن جا اهنج ٻيڻا، بجلي بند، ڪيترائي پول ڪِري پيا، فيڊر ٽرپ

جُون 14, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ساحلي پٽي ۾ طوفاني هوائن دوران بجلي جا پول ۽ ٽاور ڪِري پيا، ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي

بجلي بند هجڻ سبب ساحلي پٽي جي ماڻهن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا، حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته سجاول، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن ۾ 18 فيڊر ٽرپ ٿي ويا

طوفاني هوائن دوران سجاول گرڊ اسٽيشن جو ٽاور ۽ چوهڙ جمالي ۾ بجلي جا پول ڪِري پيا، 132 ڪي وي سجاول لاڏيون ٽرانسميشن لائين جو سرڪٽ ايس جي ڊبليو ٽو ٽرپ ٿي ويو

ٽاور لوڪيشن نمبر 3 ڪِرڻ سبب لاڏيون گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي،

طوفاني هوائن سبب عمرڪوٽ ۽ بدين گرڊ اسٽيشنز جا 14 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، حيسڪو جو عملو موجود آهي، پر خراب موسم ۽ طوفاني هوائن سبب مرمتي ڪم ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن

چوهڙ جمالي ۾ 12 پول ڪرڻ سبب ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي، گولاڙچي ۽ڀرپاسي به بجلي بند ٿي وئي

Leave A Comment