سارس ڪرين ۽ مظهرالاسلام!

جُولاءِ 19, 2023

                 توهان جيئن جيئن ڪتاب پڙهندا ويندئو، توهان تي حيرت انگيز داستان گوئي جو جهان کلندو ويندو، ايئن لڳندو ڄڻ توهان هڪ ٽائيم مشين ۾ هجو ۽ پکيءَ وانگر زمانا لتاڙيندا گذريل صدين جي تهن ۾ لهندا ٿا وڃو. هي ذڪر آهي اردو جي بيچين اديب مظهرالاسلام جي تازو شايع ٿيل ناول “سارس ڪرين اپني خوابون مين سي اڙ ڪر جا چڪي هين” جو! هن ناول اردو ادب ۾ ناول نگاريءَ جا سمورا پراڻا بت ٽوڙي ڇڏيا آهن. مظهرالاسلام پاڻ چوي ٿو ته هي روايتي ناولن جي سانچن کي رد ڪندڙ ايجادي ناول آهي. مظهرالاسلام جڏهن پهريون ناول “محبت مرده ڦولون ڪي سمفني” لکيو هو ته اهو جمالياتي فڪر ۽ فن جي اصولن تي لکيو ويو هو. اهو ناول محبت جي جذبي کي ٻيهر تازو ڪرڻ ۽ محبت کي نئين سر محسوس ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. انهيءَ ناول جو موضوع محبت، انتظار، موت ۽ جدائي هو. پر هي ناول اردو ادب جو پهريون ٽائيم ٽريول ناول آهي.

                 هي ناول هڪ ناسٽيلجيا به آهي، پر مظهرالاسلام هن ناول ۾ حقيقت، فينٽيسي، ٽائيم ٽريول ۽ سريئلزم کي ملائي ان جي مٿان رومانوي چادر ويڙهي ڇڏي آهي. ان ڪري هي ناول پنهنجي هيئت ۾ طلسماتي سحرانگيزي جو گمان ڇڏي ٿو. هو چوي ٿو ته هر انسان جي اندر ۾ هڪ پکي هوندو آهي ۽ هي هڪ اهڙي ئي پکيءَ جي عشق جو داستان آهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار هڪ سارس پکي آهي. اهو سارس پکي جيڪو 21هين صدي مان نڪري سفر ڪندو 18هين صدي ڏانهن وڃي ٿو، جتي ”آشيانه وفا” نالي بستي ۾ هن جي قبيلي جا ڪيترائي سارس هن جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا آهن. مظهرالاسلام سارس پکي ئي ڇو پنهنجي ناول لاءِ چونڊيو؟ ان لاءِ توهان کي سارس پکي جي باري ۾ ڄاڻڻ ضروري آهي. هو ناول ۾ لکي ٿو ته، “سارس ڪرين صرف هڪ ڀيرو محبت ڪندا آهن، اها هنن جي پهرين ۽ آخري محبت هوندي آهي. پکين جي ماهرن ۾ اتفاق آهي ته سندن محبت سچي، مڪمل ۽ ابدي هوندي آهي. شهنشاهه جهانگير کي هن پکيءَ جي عاشقاڻي پرستش ان وقت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، جڏهن هن ڏٺو ته هڪ سوڳوار سارس ڪرين پنهنجي مئل محبوب جا هڏا به ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. اهو سارس ڪرين پاڻ به ڪمزور ۽ موت جي ويجهو هو، جڏهن هن کي سندس محبوب جي باقيات تان هٽايو ويو ته خبر پئي ته هن جي ڇاتيءَ کي جيتن کوکلو ڪري ڇڏيو هو…سارس ڪرين کي وفا جي علامت سمجهيو ويندو آهي. قديم ترين قصن ۾ سارس ڪرين خوشبختي، ڊگهي ڄمار ۽ جنت جي بشارت سمجهيا ويندا آهن. سنڌ جا ملاح ٻيڙين ۾ سٺي سنئوڻ تحت سارس ڪرين جا مجسما ٺاهي لڳائيندا هئا ته جيئن هو کليل پاڻين ۾ پکيءَ وانگر پرواز ڪري سگهن.” ايئن ئي مظهرالاسلام جي اندر به هڪ پکي آهي ۽ اهو سارس پکي آهي. سارس جو ذڪر توهان کي سندس پهرين ناول “محبت مرده ڦولون ڪي سمفني” ۾ به ملندو ته هن جي ٻين ڪهاڻين ۾ به توهان کي نظر ايندو. اهو سارس جيڪو ڪونج جي نسل مان آهي، جيتوڻيڪ ڪونج پکي ته اڃان به هتي اچي ٿو پر پاڪستان ۾ آخري ڀيرو 2012ع ۾ سنڌ جي ننگرپارڪر ۾ سارس جو جوڙو نظر آيو هو، ان کانپوءِ اهو ڪٿي نظر نه آيو. وائلڊ لائيف وارا چون ٿا ته ان کي هتان لڏائڻ وارا شڪاري آهن، هاڻ هي پکي ڀارت ۾ ته جام آهي پر پاڪستان ۾ ناهي. ٿر ۾ جيئن ڪونج کي ڳايو ويو آهي، تيئن ئي سارس کي به ڳايو ويو آهي.

راتين سارس ٻوليو، دريا پرلي دنگ،

مين سُتوڙي ساجن ساريو، ارگت بھ گئي انگ

(رات دريا پار سارس ٻولي پيو، ستي ۾ ساجن جي سار آئي ته ڄڻ ڪارائي سان انگ وڍجي ويا).

راتين سارس ٻوليو، ٽولي ٽولي ٽيس

ستوڙي ساجن ساريو، مين ارڏي ڀانگي ايس

(رات سارس ٽولين ٽولين ۾ ٻوليو پئي، ستي ۾ ساجن سار آئي ته ڇرڪ سان کٽ جي ٻانهين ڀڄي پئي).

مظهرالاسلام انهيءَ سارس پکي (جيڪو انسان مان پکيءَ جو روپ ڌاري ٿو) وسيلي 21هين صدي مان نڪري 18هين صدي ڏانهن سفر ڪري ٿو، جتي سندس محبوبه انتظار ڪري رهي آهي. هو 21هين صدي کي شاطر ٺڳن، اقتدار پرستن، واعدي فروشن، ناانصافين ۽ ڪوڙ جو سپرمارڪيٽ ۽ مرده صدي قرار ڏئي ٿو ۽ ان کي ٻهروپين جي ڊڪشنري ڪوٺي ٿو. انهيءَ ڊگهي سفر دوران هو ڪيترن ئي زمانن، شهرن مان سفر ڪري ٿو ۽ اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، عادتن ۽ ذهني روين بابت آگاهه ڪري ٿو. ان لاءِ هو مختلف استعارا استعمال ڪري ٿو،

جيئن ننڊ ۾ ٻڏل شهر، جتي ماڻهو هر ڪم ستي ستي ڪن ٿا. جيئن اپاهجن جو شهر، جتي هر ماڻهو بيساکين سهاري هلي ٿو، اتي طبقاتي سڃاڻپ به بيساکين وسيلي ڪئي وڃي ٿي. جيڪو جيترو امير آهي، سندس بيساکيون اوتروئي هيرا جواهر جڙيل هجن ٿيون. يا جيئن هڪ اهڙو شهر، جتي منصف ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ چريا ٿي ويندا آهن.

مظهرالاسلام کي 19هين صدي سادي، آسان، راحت انگيز، محبت ڀري لڳي ٿي، جتي انسان جي عظمت جو قانون نافذ هو. مائرون پنهنجي ٻارن کي ڪوڙ جي لعنت کان پري رکڻ لاءِ چونديون هيون ته، “جيڪو ٻار ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان جي مٿي تي سڱ نڪري ايندا آهن”، ان ڪري 19هين صدي جا ٻار جڏهن به بهاني بازي ڪندا هئا ته پاڻمرادو سندن هٿ مٿي ڏانهن کڄي ويندا هئا ته ڪٿي سڱ ته نه نڪري آيا آهن. اها ڪتابن ۽ لائبريرين جي صدي هئي. هو عظيم شاعر گارشيا لورڪا کان ويندي موزارٽ، پابلو نيرودا کان ويندي ورجينيا وولف ۽ گارشيا مارڪيز کان عظيم سريئلسٽ مصور ريني ماگريٽ تائين جا پکين، ڪتابن، موسيقي ۽ مصوري سان عشق جا داستان بيان ڪري ٿو. هو آسڪر وائلڊ جي انهيءَ ڪهاڻي “بلبل ۽ ڳاڙهو گلاب” جو به ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ نوجوان کان بلبل اداسي جو سبب پڇي ٿي، جنهن تي نوجوان ٻڌائي ته کيس هڪ ڇوڪريءَ سان محبت آهي پر هن جو شرط آهي ته کيس ڳاڙهو گلاب گهرجي پر هن وقت گلابن جي مند ئي ناهي. بلبل نوجوان جي محبت بچائڻ لاءِ گلاب جي ٻوٽي وٽ وئي، جنهن چيس ته هوءَ پنهنجي دل جي رت جو هڪ قطرو ڏئي ته هو کيس ڳاڙهو گلاب ڏيندو. ڪنڊو بلبل جي دل ۾ چڀي ويو ۽ هن جي زندگي هلي وئي.

ان ئي صديءَ ۾ مظهرالاسلام ٽپال گهرن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ اهي ٽپالي جيڪي هاڻ ڪنهن قديم لوڪ داستان جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ پڙهندڙ کي ان دور ۾ وٺي وڃي ٿو، جڏهن ٽپالين جو شدت سان انتظار ٿيندو هو. هن جي ڪلهي ۾ لڙڪندڙ خطن سان ڀريل وفادار ٿيلهو ۽ هن جي هر پاڙي ۽ گهٽي ۾ گونجندڙ صدا 21هين صدي اسان کان کسي ورتي آهي، هٿ سان لکيل خط هاڻ ناياب ٿي ويا آهن. خطن ۾ پوسٽ ڪيل گرمجوشي ۽ محبت هاڻ دم ٽوڙي چڪي آهي، مظهرالاسلام اسان کي ان کسجي ويل محبت جو نوحو ٻڌائي ٿو. ان سان گڏ هو خوبصورت استعارا استعمال ڪندي اسان کي ڦول ڳلي، عطر ڳلي، درويش ڳلي، سک چين ڳلي، ڪتاب ڳلي جون حيرت انگيز ڪهاڻيون به ٻڌائي ٿو.

درويشن ۽ صوفين جو ذڪر هن ناول جو پاورفل اسٽروڪ آهي، هن ناول جي شروعات ۾ مظهرالاسلام جڏهن هڪ نوجوان کي سارس پکي جو روپ ڏياري سفر ڪرائي ٿو ته اها دراصل انهن صوفين جي ئي روحاني وارتا آهي، جيڪا خوابن وسيلي زمان ۽ مڪان کان ماورا ٿي ويندي آهي، جتي وقت جو تصور نه هوندو آهي. انهن صوفين جو وجدان پکين جي صورت ستن وادين جو سفر ڪندو آهي، جن ۾ پهرين وادي ڳولا، ٻي وادي عشق، ٽين علم، چوٿين جدائي، پنجين اتحاد، هين حيراني ۽ ستين وادي فنا آهي. صوفي چوندا آهن ته اهي ست واديون ئي خدا شناسي جو خلاصو آهن، انسان ۽ خدا وچ ۾ انهن ئي ستن وادين جو فاصلو آهي. ڪڏهن اهو فاصلو اک ڇنڀ ۾ طئي ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن ان لاءِ سڄي عمر ناڪافي هوندي آهي.

مجموعي طور تي هن ناول ۾ مظهرالاسلام پنهنجي فن جي عروج تي نظر اچي ٿو. هن جي لکڻين ۾ جيڪي رومانوي، حقيقت پسندي، سريئلزم ۽ علامت جا رنگ عام طور نظر ايندا آهن، تن کي هن ناول ۾ هن انتهائي آرٽسٽڪ نموني چٽيو آهي. هو هڪ اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو پنهنجي آس پاس جي دنيا سان گڏ پنهنجي اندر جي احساسن کي به کليل نموني سان پڙهندڙن سان شيئر ڪندو آهي. هي ناول نه رڳو ادبي حلقن ۾ بي حد مقبول ٿي رهيو آهي پر نوان بحث پڻ کولي رهيو آهي.

Leave A Comment