سارين جو اگھه وڌايو: لاڙڪاڻي ۾ آبادگارن جو زرعي وزير آڏو احتجاج

سارين جو اگھه وڌايو: لاڙڪاڻي ۾ آبادگارن جو زرعي وزير آڏو احتجاج

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ آبادگارن تقريب دوران زراعت کاتي جي صوبائي وزير محمد بخش مهر اڳيان سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته اسان آبادگارن کي سارين جو اگهه نه پيو ملي، جنهن ڪري خرچ نه ٿو نڪري اسان اوڌر تي ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪيو آهي، اسان سان وڏو ظلم آهي جو ساريون 1800 کان 2200 رپيا مڻ خريد ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن اسان کي سارين جو اگهه نه ڏيڻ ظلم آهي، مهرباني ڪري ان معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي ٻچڙن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سارين جو في مڻ اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو وڃي، جنهن تي زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر آبادگارن کي هٿ ٻڌي خاطري ڪرائيندي چيو ته انشاءَ الله توهان کي ضرور اگهه ملندو.