ساريون: سنڌ جي معيشت ۽ خوراڪي تحفظ جو بنياد … پروفيسر اختيار گھمرو

                 سنڌ ۾ چانورن يا سارين جي پوک رڳو هڪ فصل ناهي، پر اها سنڌ جي زندگيءَ جو اهو ڌاڳو آهي جيڪو موسمن جي مٽجڻ، لکن مزدورن جي پورهئي، ۽ سنڌو نديءَ سان جڙيل هن ڌرتيءَ جي سڃاڻپ کي پاڻ سان ڳنڍي ٿو. پاڪستان اڄ دنيا جي مٿين ڏهن چانورن پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جتي سالياني پيداوار اٽڪل نو کان ڏهه ملين ٽن تائين پهچي ٿي، جنهن مان اٽڪل 4.4 ملين ٽن هر سال ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ٿئي ٿي. ملڪ جي ڪل زرعي ايراضي جو تقريباً ڏهه سيڪڙو حصو خريف مند ۾ سارين هيٺ ايندو آهي، ۽ سنڌ اهڙي پيداوار جو ٽيون حصو ڏئي ٿي. پر هنن انگن اکرن پويان هارين جا ڪيئي اهنج به لڪل آهن: باوجود ان جي ته ھي فصل اڄ به ملڪ جو سڀ کان اهم قيمتي غير ملڪي ناڻو ڪمائيندڙ آهي، انهن هٿن کان پري رهجي وڃي ٿو، جن پنهنجي پگهر سان اهو پوکي پچايو هوندو آهي.

                 آخر سنڌ جي ايتري وڏي زمين تي ساريون ئي ڇو پوکيون وينديون آهن؟ ان جو هڪ وڏو سبب زمين ۽ پاڻيءَ جي طبيعت ۾ لڪل آهي. سنڌو نديءَ جي هيٺانهين حصي جون گھڻيون زمينون هموار، هيٺانهون ۽ پاڻيءَ کي جلد جذب نه ڪندڙ آهن، جن ۾ ڪڻڪ يا ٻيا فصل جلد سڙي وڃن ٿا، پر چانور، جنهن کي بلڪل بيٺل پاڻي کپي ٿو، انهن ئي زمينن ۾ پنپي وڃي ٿو. سنڌو نديءَ جي نهرن جو ڄار صدين کان هن علائقي کي خريف مند ۾ گھربل پاڻي مهيا ڪندو آھي. اهڙيءَ طرح، چانورن جي پوک رڳو هڪ چونڊ ناهي، پر اها هن زمين ۽ پاڻيءَ جي طبيعت جو فطري نتيجو آهي.

هي زمين ۽ اهو پاڻي سنڌ جي تاريخي تهذيب سان به گھرو ناتو رکن ٿا. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موجود موھن جو دڙو، جيڪو سنڌو تهذيب جي مکيه شهرن مان هڪ هو، اڄ کان لڳ ڀڳ پنج هزار سال اڳ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي آباد هو، جتان زراعت، آبپاشي ۽ اَنَّ جي ذخيري لاءِ ٺهيل وڏن ڪوٺارن جا آثار مليا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته هن ڌرتيءَ جو سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ سان زرعي رشتو ڪو نئون ناهي، پر هزارين سال پراڻو آهي. مورخ اڪثر ٻڌائين ٿا ته موهن جي دڙي جي خوراڪ جو بنياد گھڻو ڪري ڪڻڪ ۽ جَوَن تي بيٺل هو، پر سنڌو تهذيب جي وسيع علائقي ۾ ٻين فصلن سان گڏ چانورن جي پوک جا آثار به مليا آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته هن ندي ماٿريءَ جي زرعي روايت شروع کان ئي مختلف فصلن کي پاڻ ۾ سموئيندي آئي آهي. اهڙيءَ طرح، اڄ جو سارين وارو فصل انهيءَ ئي پراڻي، درياهي تهذيب جو تسلسل آهي، جيڪا هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ کي کارائيندي رهي آهي.

جيڪڏهن اوهان جون- جولاءِ ۽ آگسٽ جي مند ۾ ڪشمور ضلعي کان انڊس هاءِ وي ذريعي دادوءَ تائين سفر ڪندا، ته روڊ جي ٻنهي پاسن واري زمين اوهان کي هڪ زنده منظر ڏيکاريندي؛ ڪٿي زمين پاڻيءَ سان ڀريل هوندي ۽ هاري ڪوڏرن ذريعي ان جي دڙن دڪن ڀترن کي سنوت ڪندي نظر ايندا، ۽ ڀرسان وري ٻيجارو پٽيندڙ ۽ رونبو ڪندڙ مرد توڙي عورتون سڄو ڏينهن پاڻيءَ ۾ بيٺي ڪمر ور ڏئي محنت ڪندي نظر ايندا، ته ڪٿي هفتو ٻه اڳ ٿيل رونبي ساوڪ ڪري ورتي هوندي، ته ڪٿي زمين مڪمل سائو ويس پهريل نظر ايندي. هي ڪم رونبي ۽ لاباري جي مند ۾ لکين بي زمين مرد ۽ عورتن کي موسمي روزگار ڏئي ٿو، پر سندن مزوري تمام گھٽ هوندي آهي ۽ اها ايتري وڏي محنت رسمي مزدوريءَ جي انگن اکرن ۾ گھٽ ئي ڄاڻايل هوندي آهي. سنڌ جي پنجن مان چار هاري گھراڻا مزدورن تي پنهنجي پوک ۽ لاباري لاءِ دارومدار رکندڙ آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته هي محنتي طبقو سنڌ جي سارين واري معيشت جو ڪيترو اهم حصو آهي، جيتوڻيڪ زمين ۽ فيصلن جو اختيار سندن هٿن ۾ گھٽ ئي هوندو آهي.

لڻڻ کان پوءِ ساريون سنڌ جي هزارين ملين، ننڍن ڪارخانن ۽ ڳوٺاڻين ڇڙائي مشينن مان لنگھي، هڪ اهڙي عمل مان گذري ٿي جيڪو ٻني کان چانورن کي گھر جي رڌپچاءَ يا برآمدي ڪنٽينر تائين پهچائي ٿو: صفائي، سُڪائڻ، هلبڻ ۽ پالش جي مرحلن مان لنگھي، ساريون چمڪندڙ اڇا چانور بڻجي وڃن ٿيون. پر هن سموري سلسلي جي پويان سرمائي جو وڏو فرق لڪل آهي. هڪ وڏي، جديد رائيس هلنگ ۽ پالش يونٽ لڳائڻ لاءِ اڄ اٽڪل 93 ڪروڙ رپين جي سيڙپ کپي ٿي، جنهن ۾ ھڪ ايڪڙ زمين، جديد مشينري ۽ ذخيري جا گدام شامل آهن، ۽ اهڙو يونٽ سڌو سنئون اٽڪل ارڙهن ماڻهن کي مستقل روزگار ڏئي ٿو، جن سان گڏ سيزن ۾ سوين موسمي مزدور به ڪم ڪن ٿا۔ ان جي ابتڙ، ننڍي پيماني جي رائيس هلنگ مل يا ان جي بحاليءَ (بي ايم آر) لاءِ صوبي جي بينڪن وٽان اٽڪل هڪ ڪروڙ رپين تائين جو آسان قرض ملي سگهي ٿو، جيڪو ننڍي سيڙپڪار لاءِ به هن ڌنڌي ۾ لهڻ جي گنجائش پيدا ڪري ٿو. ان کان علاوه، لڳ ڀڳ هر وڏي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍي، ڊيزل تي هلندڙ گڏيل ڇڙائي مشين (هلر) عام ملي ٿي، جيڪا صفائي، ڇلڙ لاهڻ ۽ پالش جو ڪم هڪ ئي وقت ۾ ڪري ٿي؛ ننڍا هاري پنهنجي گھريلو کپت جون ساريون ان مشين تي ڇڙائين ۽ پيهرائين ٿا ۽ ان جي عيوض يا ته مقرر مزوري ڏين ٿا يا ڪٽيءَ ۽ ڀونڊي جو حصو مشين مالڪ کي ڏئي ڇڏين ٿا. اهڙيءَ طرح، وڏي، سرمائيدار مل کان وٺي ڳوٺاڻي هلر تائين، سڄو نظام مختلف سطحن تي هزارين ماڻهن کي روزگار ڏئي ٿو، جن ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ شامل آهن، خاص طور تي سُڪايل چانورن مان ٽٽل يا خراب داڻا چونڊڻ جي ڪم ۾، جتي کين اڪثر مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ اجورو ملي ٿو. هي روزگار گھڻي ڀاڱي اڻ رجسٽرڊ ۽ بغير معاهدي جي آهي، پر ان جي باوجود اهو هزارين غريب ۽ بي زمين گھراڻن جي روزي روٽيءَ جو مکيه ذريعو بڻيل آهي. پر ملن مان نڪري، سنڌ جا چانور ٻن مختلف رستن تي هلن ٿا: هڪ گھر جي مانيءَ ڏانهن، ٻيو برآمدي ٻيڙيءَ ڏانهن. پاڪستان ۾ في ماڻهو سالياني چانورن جي کپت اٽڪل 18 ڪلوگرام آهي، جيڪا ڪڻڪ جي في ماڻهو سالياني کپت (اٽڪل 124 ڪلوگرام) کان تمام گھٽ آهي؛ ڪڻڪ اڪيلي سر ملڪ جي روزاني توانائي جي ضرورت جو اٽڪل 72 سيڪڙو پورو ڪري ٿي، جڏهن ته چانور ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ثانوي، پر تمام اهم، خوراڪي ذريعو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪي پيداوار جو صرف اٽڪل چاليهه کان پنجيتاليهه سيڪڙو مقامي کپت لاءِ رکيو ويندو آهي، باقي برآمد ٿئي ٿو. پر انگن اکرن ۾ گھٽ نظر ايندڙ هي 18 ڪلوگرام، سنڌ جي غريب گھراڻن لاءِ گھڻو وڏو مفهوم رکي ٿو: هڪ 40 ڪلوگرامن جي ٻوري چانورن مان هڪ وچولي درجي جو گھراڻو، جيڪڏهن ان کي صرف رات جي مانيءَ ۾ استعمال ڪري، ته اها ٻوري لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان وڌيڪ کپي سگھي ٿي، جيڪو ان کي ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ تمام سستو ۽ بھتر خوراڪ بڻائي ٿو. سياري جي مند ۾، سنڌ جي ڪيترن ئي غريب گھراڻن ۾ رات جي مانيءَ تي سادو ساڳ ۽ چانورن جي مانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي، ڀلي اهو پلي جو ساڳ هجي يا سرنهن جو، ڇاڪاڻ ته اهو گھٽ خرچ ۾ به جسم لاءِ ضروري توانائي پورو ڪري ٿو (ان کان علاوه چانورن جي ماني صرف غريت گھٽائڻ ۾ مددگار ناھين پر اھا شوق سان سياري جي مند ۾ کاڌي ويندڙ ماني پڻ آھي). چانور ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ اڻبِلي، هيٺانهين زمينن ۾ به وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿو، جنهن ڪري اهو غريب هاري لاءِ رڳو خوراڪ ناهي، پر ان جي روزيءَ جو بنياد به آهي.

سنڌ جي هارين، خاص طور تي ننڍن هارين ۽ ڪڙمين لاءِ، ساري جو فصل رڳو خوراڪ جو ذريعو ناهي، پر سندن سموري سال جي پورهئي جو ثمر ۽ سندن مستقبل جي اميدن جو مرڪز به آهي۔ جنهن گھراڻي جي مانيءَ تي رات جو چانور ۽ ساڳ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي، ان ئي گھراڻي جون اميدون به ان ساري جي لاباري، ان جي مناسب اپت، ۽ مارڪيٽ ۾ ملندڙ قيمت سان ڳنڍيل هونديون آهن؛ ڀلي اهو ٻارن جي تعليم هجي، شادي جو خرچ هجي، يا ايندڙ سال جي ٻج ۽ ڪيميائي ڀاڻ جي انتظام جو معاملو، سڀ ڪجهه ان ئي فصل جي آمدنيءَ تي ٽنگيل هوندو آهي. پر اهو سڄو خطرو گھڻي ڀاڱي هاري ئي کڻي ٿو، جڏهن ته ان فصل مان نڪرندڙ اصل نفعو گھڻي ڀاڱي آڙهيتن، وچولن ۽ وڏن واپارين وٽ رهجي وڃي ٿو. اتر سنڌ جي گھڻي زمين اڃا تائين ڪڙمتي يا ھارپي نظام هيٺ آهي، جتي فصل خراب ٿئي يا بيماري اچي ته نقصان سڌو هاري جي حصي ۾ اچي ٿو.

سارين جي پوک جو اثر رڳو ٻنين ۽ خوراڪ تائين محدود ناهي، پر اهو سنڌ جي مال ڍور جي پالنا سان به سڌو سنئون جڙيل آهي. فصل لڻڻ کان پوءِ بچيل پلال سنڌ اندر مال جي چاري جو مکيه ذريعو بڻيل آهي، ۽ مل ۾ ڇڙائي دوران نڪرندڙ ڪٽي (ڀونڊو) به مال جي کاڌي جو هڪ مکيه ۽ بيحد قيمتي حصو بڻجي وڃي ٿي، جيڪا خاص طور تي کير ڏيندڙ مال کي طاقتور بڻائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه ملين مان ڇڙائيء دوران نڪرندڙ توتڙ سرن جي بٺن ۾ ٻارڻ طور استعمال ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح، ساريءَ جو فصل سنڌ جي زرعي ۽ مال جي معيشت کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندڙ زنجير بڻجي وڃي ٿو، جتي زمين مان نڪرندڙ هر شئي، ساريون، پلال، ڪٽي، توتڙ ڪنهن نه ڪنهن گھراڻي جي روزگار ۽ خوراڪ جو ذريعو بڻجي ٿي. بازار جي پاسي کان، هارين لاءِ سڀ کان مشڪل مسئلو اهو آهي ته ڪڻڪ جي برعڪس، چانورن کي گھڻي ڀاڱي حڪومتي ضمانتي خريداري جي قيمت نه ٿي ملي، اهو فرق ڪو اتفاق ناهي، پر اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاليسي ٺاهيندڙن جي ترجيح گھڻو ڪري وڏن، طاقتور ۽ سياسي طور تي ڳنڍيل ڪڻڪ ۽ ڪمند پوکيندڙ زميندارن ڏانهن رهي آهي، نه ڪي سنڌ جي ننڍن ۽ گھٽ طاقتور سارين پوکيندڙ هارين ڏانهن. جنهن ڪري هاري واپارين ۽ آڙهيتن جي رحم تي رهجي وڃن ٿا، ۽ اڌ کان وڌيڪ سنڌ جا هاري تصديق ٿيل ٻج نه ملڻ ڪري ورجايل يا غير معياري ٻج استعمال ڪن ٿا، جيڪو فصل ۽ داڻي جي معيار کي متاثر ڪري ٿو.

سنڌ ۾ سارين جي پوک جو مستقبل ان ڳالهه تي منحصر آهي ته اهي سمورا مسئلا هڪ ٻئي سان ملائي ڪيئن حل ڪيا وڃن، ۽ اهو حل رڳو ٽيڪنالاجي يا مارڪيٽ جو معاملو ناهي، پر انصاف جو معاملو به آهي. تصديق ٿيل ٻج ۽ سستي مشينريءَ تائين ننڍن هارين جي پھچ وڌائڻ، سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جي وڌيڪ منصفاڻي ورهاست، ننڍن هارين کي آڙهيتن جي رحم کان بچائڻ لاءِ مارڪيٽ سان سڌو تعلق مضبوط ڪرڻ ۽ چانورن تي به ڪڻڪ جهڙي ضمانتي قيمت جو حق ڏيڻ، رائيس ملن جي مزدورن، خاص طور تي عورتن، کي مناسب اجورو ڏيڻ، اهي سڀ گڏجي هڪ وڌيڪ مضبوط ۽ خوشحال چانورن جي معيشت ٺاهي سگهن ٿا؛ اهڙي معيشت جتي محنت ڪندڙ کي پنهنجي پورهئي جو حقدار حصو ملي. جنهن صوبي ۾ سنڌو نديءَ هزارين سالن کان زراعت کي شڪل ڏني آهي، ۽ جتي چانور روزاني مانيءَ کان وٺي شادين ۽ ميلن تائين هر جاءِ تي موجود آهن، اتي هن فصل جي بقا رڳو زرعي معاملو ناهي. اهو سنڌ جي وڏي آبادي لاءِ خوراڪي تحفظ، ٻهراڙيءَ جي روزگار، ۽ محنت ڪندڙ طبقي جي عزت ۽ حق جو معاملو آهي، جيڪو ان کان وڌيڪ سنجيده توجهه جو حقدار آهي، جيترو اڄ تائين ان کي مليو آهي.