تعليم کي سماجي ترقي جو اھم وسيلو سمجهي 2010ع واري مھا ٻوڏ بعد شڪارپور جي شعور پنهنجي جنم ڀومي ۾ سنڌي ھندو تعليمدانن جي تسلسل کي قائم رکندي شھر ۾ مادر علمي قائم ڪرائڻ خاطر جدوجهد ڪئي. “يونيورسٽي ڏيو تحريڪ” ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، تاجر تنظيمن توڙي اتحادن جي فردن ڏينهن رات ھڪ ڪري اھو مقصد حاصل ڪيو. 2011ع ۾ شڪارپوري ماضي واري تعليم جو Revival ان روپ ۾ نظر آيو جو شڪارپور C&S تاريخي ڪاليج جي عمارت ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪيمپس جو بنياد رکيو ويو. ست سال لاڳيتو شڪارپور ڪيمپس پرووائيس چانسلر سنڀاليندا رھيا ۽ تدريسي عمل جاري رھيو. بالآخر شڪارپوري عوام خودمختيار يونيورسٽي جو مطالبو ڪيو, نتيجي ۾ 12 ڊسمبر 2018ع تي سنڌ حڪومت ڪيمپس کي مھان ڪوي شيخ اياز جي نالي سان منسوب ڪري آزاد يونيورسٽي جي حيثيت وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. ٿيو ائين جو ھن اداري جي ملازمن کي ڊسمبر جي پگھار کان محروم رکيو ويو ڇو ته ايفليئشن ختم ٿيڻ تي خيرپور يونيورسٽي مٿن ڏمرجي پئي. ايتري ۾ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾ ڊاڪٽر رضا ڀٽي کي وي سي ڪري موڪليو ويو. مٿان وري نامياري تعليمدان نثار احمد صديقي جي توسط سان يونيورسٽي جي HEC طرفان پي سي ون رکرائي وئي. تڏھوڪي وائس چانسلر ڊاڪٽر عابده رضا ڀٽي پي سي ون کي رد ڪري پي سي ٽو جي ھاير ايجوڪيشن ڪميشن کي سفارش ڪئي، ڇو ته ڊاڪٽر ڀٽي ماضي ۾ HEC جو حصو رھيو ۽ اھي ڪم ھن آڏو سندس کاٻي ھٿ جو کيل ھئا. وي سي ڀٽي نئين بلڊنگ جو ڪم لوڪل ٺيڪيدار کي سونپي ڄڻ ٽينڊر راھ ۾ رولي ڇڏيو. ايڇ اي سي فنڊ سان ايتري بدديانتي ٿي جو ڳري فنڊ مان پروجيڪٽ جي بائونڊري وال به نه ٺهي سگهي. ڊاڪٽر ڀٽيءَ جي مدي ختم ٿيڻ شرط شڪارپور يونيورسٽي ڳجھن ھٿن جي سازشن ور چڙھيل رهي آهي، ڇو ته روز جا ٽوڪن احتجاج معمول بڻجي ويا. ايتري قدر جو ملازمن جي 3 مھينا قلم ڇڏ ھڙتال جاري رھي ۽ مٿان وري شاگردن لاء مادر علمي جو گيٽ بند ڪيو ويو. بعد ۾ ھن اداري جي نگھباني جي چارج مختلف ماڻھن کي ملندي رهي. ڊسمبر 2025 ع ۾ شڪارپوري شاگردن جو خدشو دور ٿيو ۽ وائيس چانسلر لاء شڪارپور ڄائو ڊاڪٽر نويد شيخ نوٽيفاء ٿيو. ڊاڪٽر شيخ پنهنجي جنم ڀومي جي اھنجن سھنجن کان ڀلي ڀت واقف ھجڻ باوجود به اختلافن جو مرڪز بڻجي ويو آهي. يونيورسٽي جي انتظامي ڍانچي ۾ ھينئر 75 ملازم ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪن پيا، جڏهن ته 25 ريگيولر ملازمن مان ٽي چار رٽائر به ٿي چڪا آهن. تبديلي اھا آئي جو نئين وي سي ٽيچرز کان انتظامي عھدا واپس وٺي کين ڪلاس پڙھائڻ جو پابند ڪيو ۽ عھدا ملازمن حوالي ڪيا. گڏوگڏ ڪجھ تجربيڪار رٽايرڊ ملازمن کي “ھاير” ڪيو ته تنقيد جو دائرو وسيع ٿي ويو.
شڪارپور- سکر باءِ پاس تي جڙندڙ يونيورسٽي جي زير تعمير عمارت جيترو جلد مڪمل ٿيندي اوترو معاملا گھٽبا. حقيقت ڪجھ ھن ريت آهي ته سيشن 2026 ع نئين انرولمنٽ 350 سميت جملي 1100 کن پڙھندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون محدود بلڊنگ سبب پريشان آهن. شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾ ڪينٽين کي به ڪلاس بڻايو ويو آهي. ايتري حد تائين جو جڳھ گھٽ ھجڻ سبب لاڙڪاڻو ۽ سکر ريجنز سميت ٻين خطن جون سيٽون محدود ڪيون ويون آهن. شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي نئين بلڊنگ جي تڪميل سان شعبا به وڌي سگهن ٿا. ھينئر تائين 15 سال گذرڻ باوجود فطري، سماجي ۽ طبعي سائنس جا ڊپارٽمنٽس به نه ٺهي سگھيا آهن. ھن مادر علمي ۾ پڙھندڙ نياڻين ۽ ڇوڪرن جي سھولت لاء لاڙڪاڻو، نئون ديرو, رتوديرو, خانپور, سکر ۽ جيڪب آباد شھرن گاڏيون ھلايون ويون آهن. اڪيڊمڪ گھرج جي لاء خيرپور يونيورسٽي کان روزانو ٽيچرز پوائنٽ بس اچي ٿي. ڏيڍ ڏهاڪي کان جاري و ساري رھندڙ شڪارپور يونيورسٽي ۾ ڪو خاص اشاعتي ڪم نه ٿي سگھيو آھي, ايتري قدر جو ھن يونيورسٽي جو ريسرچ جرنل نه ڇپجي سگھيو آھي ۽ غير نصابي سرگرميون به گھٽ آھن. شڪارپور يونيورسٽي ۾ 30 کان چاليھ ھزار روپيا ماھوار معاوضي تي مقرر نان ايم فل يا غير تجربيڪار ٽيچر به ڪوالٽي ايجوڪيشن جي نفي جو چٽو ثبوت آھي. نئين وائيس چانسلر اچڻ سان SAUSTA يعني شڪارپور شيخ اياز يونيورسٽي جي استاد تنظيم تحرڪ ۾ اچي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اعلي’ عدالتي حڪم تحت ٽيچرز کان اڪثر يونيورسٽيز وانگر ھن اداري ۾ انتظامي عھدا واپس ورتا ويا آهن. ڏسجي ته نئون وي سي يونيورسٽي کي ڪيتري ترقي ڏياري ٿو. ڊاڪٽر نويد شيخ کان اڳ ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جي عارضي اضافي چارج اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر زاھد کنڊ کي ڪجھ مھينا ڏني وئي، جنهن ڪلاسن ۾ پاڻي, پکا ۽ لائٽنگ کٽل محسوس ڪئي ۽ وس آھر ڪم ڪرايو. شڪارپور يونيورسٽي ۾ انتظاميا لکين روپيا ماھوار جنريٽر جو ڪرايو ڀري پئي، جڏھن ته اداري جا پنھنجا قيمتي جنريٽر معمولي مرمت جي اوسيئڙي ۾ رکيل آھن.
شڪارپور ۾ جڙيل شيخ اياز يونيورسٽي خيرپور , سکر , لاڙڪاڻو ۽ حيدر آباد توڙي ڪراچي جي يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ بي پھچ ۽ مسڪين شاگردن لاء فاصلي ۽ فيس اسٽرڪچر جي لحاظ کان تمام آسان ۽ موزون آهي. ڊپارٽمينٽس وڌڻ سان ۽ رٿيل نئين يونيورسٽي عمارت جي جڙي راس ٿيڻ سان شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور اتر سنڌ جي ممتاز ادارن جيان پاڻ مڃائيندي. ھونئن به عمارتي جوڙجڪ تنگ ھجڻ باوجود شڪارپور يونيورسٽي BS انگريزي, ڪمپيوٽر ۽ ڪامرس شعبن ۾ چار سال پروگرام ھلائي غربت جي سٽيل شاگردن ۽ شاگردياڻين لاء سولائي پيدا ڪئي آهي. شڪارپوري ساڃهه وندن طرفان مالڪي ڪرڻ سان ھي ادارو ترقيءَ ڏانهن وک کڻي سگھي ٿو.
wajidbukhari [email protected]