سالي کي حراسان ڪندڙ ڀيڻويي تي ڪيس داخل
جُولاءِ 2, 2025
گمبٽ (پنهنجي ڊيسڪ)گمبٽ جي غريب آباد محلا واسڻ ماسترياڻي کي هراسان ڪندڙ ڀيڻيوي پاران جنسي حراسا ڪرڻ جو ڪيس داخل، پوليس زينب سومرو جي فرياد تي آصف سومرو مٿان گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
زينب سومرو ٻڌايو ته آصف سومرو منهنجو ڀيڻيوو آهي جيڪو ڪافي عرصي کان جنسي لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪندو پيو اچي، ڪجهھ ڏينهن اڳ مان پنهنجي ڀيڻ سان بازار وڃي رهي هيس ته جوابدار آصف سومرو مونکي اڪيلو ڏسي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙيون ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويو ۽ منهنجو برقعو ڦاٽي پيو.
پوليس موجب زينب سومرو واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي آهي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو